14 percent advance tax imposed on internet usage

Federal government has imposed 14 percent advanced tax on usage of internet this fiscal year after provincial sales tax on provision of internet services by province. After that KPK and Sindh users will have to pay 32 to 33.5 percent on usage of internet. According to the sources, 14 percent of advance tax has been imposed on usage of internet in federal budget. In addition to the fixed line telephone bills, the tax will be charged on mobile internet monthly bills and internet prepaid cards. 14 percent advance tax will be adjustable which has already been charged on usage of internet. The users who submit the tax returns will be able to adjust the advance tax on internet usage. While the users who fail to submit the tax returns will have to bear all the taxes. 19.5 and 18 percent tax has already been imposed on internet usage in KPK and Sindh. By adding 14 percent advance tax, KPK and Sindh will have to pay 32 to 33.5 percent tax.


انٽرنيٽ جي استعمال تي 14 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لڳايو ويو آهي

صوبن جي طرفان انٽرنيٽ خدمتن جي فراهمي تي صوبائي سيلز ٽيڪس کانپوءِ وفاق به هلندڙ سال کان انٽرنيٽ جي استعمال تي 14 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ خيبرپختونخواه ۽ سنڌ جي صارفن کي انٽرنيٽ جي استعمال تي 32 کان 33.5 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ذرائع جي مطابق بجٽ ۾ انٽرنيٽ جي استعمال تي 14 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لڳايو ويو آهي جيڪو وفاق جي ٽيڪس جي صورت ۾ فڪسڊ لائن ٽيلي فون بلن جي علاوه موبائيل انٽرنيٽ جي ماهاوار بلن ۽ انٽرنيٽ پري پيڊ ڪارڊن تي به ورتو ويندو. انٽرنيٽ جي استعمال تي لڳايل 14 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ايڊجسٽ ايبل هوندو ۽ ٽيڪس ريٽرنس داخل ڪرائڻ وارن صارفن کي انٽرنيٽ جي استعمال تي ڏنل ايڊوانس ٽيڪس ايڊجسٽ ڪرائي سگهندا جڏهن ته ريٽرنس داخل نه ڪرائڻ وارن صارفن کي هن ٽيڪس جو مڪمل بوجھ پاڻ کي برداشت ڪرڻو پوندو. ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ انٽرنيٽ تي پهريون هي 19.5 سيڪڙو ۽ 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي. ان طرح 14 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس شامل ڪري ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي انٽرنيٽ صارفن کي 32 کان 33.5 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو