A brave daughter of Thar HASEENA

ٿر جي بهادر نياڻي حسينه جيڪا هٿن ۽ پيرن کان معذور آهي سا ٿر ۾ هڪ ڪچي جهوپڙيءَ ۾ اسڪول پڙهائيندي آهي. ان اسڪول ۾ 30 ٻار جيڪي پهرين کان پنجين تائين پڙهندا آهن ۽ 30 ڇوڪريون جنهن کي حسينه سلائي ۽ ڪڙهائي جو ڪم سيکاريندي آهي ۽ انهن کان ڪا فيس نه وٺندي آهي. حسينه جو اسڪول هڪ ڪچي جهوپڙي ۾ آهي جتي ٻار پٽ تي (واريءَ ۾) ويهي پڙهندا آهن. حسينه جو چوڻ هو ته هن وٽ ڪافي وڏا وڏا ماڻهو آيا پر کين ڪنهن به مدد نه ڪئي، حسينه جا شاگرد حسينه کي ڪو به معاوضو نه ڏيندا آهن. ٿر جي هي غريب ۽ بهادر نياڻيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته ٻار پنهنجا ڪتاب پاڻ کڻي ايندا آهن حڪومت طرفان ڪا به سهولت نه آهي.