A Glance to Education System in Sindh

ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابي، ترقي، خوشحالي، فلاح، عروج ۽ زوال جو اندازو ان ملڪ جي تعليمي پاليسي مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ جي تعليم کي ٽن طبقن ۾ پڙهايو ويندو آهي.

1.پرائيوٽ اسڪول
2.سرڪاري اسڪول
3.ٽيڪنيڪل ادارا

1.پرائيوٽ اسڪول

سموري سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 12000 پرائيوٽ اسڪول پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ وچئين درجي تعليم کان وٺي وڏن درجن جي تعليم جا اسڪول آهن.

2.سرڪاري اسڪول

سموري سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 46000 سرڪاري اسڪول تعليم جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 239 سرڪاري ڪاليج، جنهن مان 118 ڪراچي، 54 حيدرآباد، 16 ميرپورخاص، 31 سکر ۽ 20 لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهن. جنهن ۾ اٽڪل ٽي لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽرميڊيٽ، بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪن ٿا. هن وقت ڪاليجن ۾ سمورن اهم مضمونن جهڙوڪ، ڪمپوٽر، بائلاجي، ڪيمسٽري، رياضي، فزڪس وغيره جهڙن سائنسي مضمونن جي تعليم تمام سٺي انداز ۾ ڏني وڃي ٿي.

3.ٽيڪنيڪل ادارا

سموري سنڌ ۾ تقريبن 126 ٽيڪنيڪل ادرا ۽ 73 ووڪيشنل ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪن پيا انهن ادارن ۾ پڻ تمام سٺي معيار جي تعيلم ڏني وڃي ٿي.
سرڪاري ۽ پرائيوٽ ادارا تمام سٺي معيار جي تعليم ڏئي رهيا آهن سنڌ جا شاگرد انهن پرائيوٽ، ٽيڪنيڪل ادارن ۽ سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگرد وڏن وڏن عهدن تي نافذ ٿين ٿا.
سنڌ جي تعليمي ادارن جو بورڊ:
1.ڪراچي بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن
2.حيدرآباد بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن
3.سکر بورڊ آف سيڪنڊر ايجوڪيشن
4.لاڙڪاڻه بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن
5.ميرپورخاص بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن
6.آغا خان يونيورسٽي ايگزمنيشن بورڊ
7.سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ آف ايجوڪيشن ڪراچي