A Story of Sassi Punhoo

سسئي پنهون جو داستان سنڌ جو مشهور ۽ مقبول ترين داستان آهي، جيڪو ڳوٺ ڳلي، واهڻ وسين، ۽ هر ماڳ ڪمان مشهور آهي. هي داستان ٻن پاڙيسري سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخي رشتي جو نشان آهي. هي محبت جو داستان آهي جنهن اونچ نيچ وارو فرق وساري ڇڏيو. جنهن عشق ۾ پيءُ ماءُ وساري ڇڏيا، هي داستان زال مڙس جي پيار جي الفت ڀري گهرو زندگيءَ جو روشن ستارو آهي. زال مڙس جو هڪ ٻئي ڌي حق حاي انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي آڳاٽي اصطلاح ۾ زال توڙي مڙس کي “حق” سڏيو ويو. سسئي کان پنهون جڏهن بيوسي واري حالت ۾ وڃي ٿو ته هوءَ ٻيا سڀ ناتا ٽوڙي پنهنجي حق پويان هلي ٿي. هوءَ وڏي همت ۽ حوصلي سان هلي ٿي ۽ حق جي تلاش ۾ سرگرادن ڦري ٿي: هوءَ سَتَ ٻڌي ٿي، بَر لتاڙي ٿي، جبل جهاڳي ٿي، وڻ وڻ ووڙي ٿي. هن داستان کي ننڍي وڏي شاعر ڳايو آهي، پر سڀني کان وڌيڪ ڀٽائي صاحب ڳايو آهي. راجا دلوراءِ جي ڏينهن ۾،نائونءَ نالي هڪ ٻانڀڻ ،ڀانڀر واهه جي ڀر ۾ رهندو هو،سندس زال جو نالو مُنڌر هو،پيريءَ ۾ کيس هڪ نياڻي ڄائي جا سونهن ۾ سج ۽ چنڊ مثل هئي ،قسمت سندس انگ هڪ اجنبيءَ سان لکي ڇڏيو هو،اهو ڏسي ،نائونءَ ۽ سندس زال هن ماڻڪ کي هڪ صندوق ۾ جڙي،کڻي درياءَ حوالي ڪيو.قضا سان اها صندوق لڙهندي، ڀنڀور جي ڀر ۾،درياه جي ڪناري لڳ پهتي، انهي شهر ۾ محمد نالي هڪ هاڪارو ڌوٻي رهندو هو، هو به اولاد جو سڪايل هو، اها پيتي سندس ڪاريگرن آڻي سندس اڳيان رکي، صندوق ۾ هي ملوڪ ٻار ڏسي، هو خوشيءَ ۾ مست ٿي ويو، مٿس ”سسئي“ نالو رکيائين، جنهنجي معنيٰ آهي ”چنڊ“ سسئي ٿوري وڏي ٿي ته ڌوٻيءَ سندس لاءِ هڪ عاليشان محل اڏايو، جنهن ۾ هوءَ صبح ۽ شام پنهنجين سهيلن سان پيئي کيڏندي هئي. ان زماني قافلا واپار سانگي ڀنڀور ۾ ايندا هئا. ڪن ماڻهن وڃي پنهونءَ سان سسئيءِ جي سونهن جي ساراهه ڪئي، پنهون به سندس حسن جي هاڪ ٻڌڻ سان، مشڪ عمنبر ساڻ کڻي، قافلو سنباهي، اچي ڀنڀور نڪتو، سسئي پنهونءَ جي حسن واکاڻ ٻڌي هئي ۽ پهريائين ڀنڀور ۾اچي قافلي جو ٽي سهيلين سان گڏ کٿوريءَ جو سودو ڪرڻ ويئي، هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان ٻنهي جو پاڻ ۾ پريت جو پيچ پئجي ويو. سسئي ۽ پنهون جي ڳالهه جگ ۾ مشهور ٿي وئي سسئيءَ هڪ سهيليءَ سان پنهنجي دل جو حال اوريو، انهني وڃي پڻس سان ڳالهه چوري، پر ڌوٻيءَ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته پنهون پرديسي هو ۽ سندس ذات جو به نه، سهيليءَ بهانو ڪري چيس ته ”پنهون به ذات جو ڌوٻي آهي. جي اعتبار نه اچيو ته آزمائي ڏسوس، محمد اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهون کي هڪ کيپ ڌوئڻ لاءَ ڏنائين، پنهونءَ جا نفيس هٿ، ڪپڙن سٽيندي ڇلجي پيا ۽ ڪپڙا به ڦاٽي تهبارون ٿي پيا. پنهونءَ کي ملول ڏسي، آخر ٻنهي جي شادي وڏي ڌوم ڌام سان ٿي، شادي کان پوءِ پنهونءَ وطن ورڻ جو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيو، سندس ڀاءُ چنري ساروحال وڃي پيءُ آري ڄام سان ڪيو، جو ٻڌندي ئي بيحال ٿي پيو. پوءِ سندس ٽن پٽن چنري، هوتي ۽ نوتي کيس دلداري ڏيئي چيو ته پنهونءَ کي ڪنهن به دستور ساڻ وٺيو ٿا اچون. جڏهن ٽيئي خان ڀنڀور ۾ پهتا، تڏهن سندن گهڻي مرحبا ۽ خاطرداري ٿي ۽ ڪيئي ڏينهن مجلسون جاري رهيون. هڪ رات مجلس ۾ پنهونءَ جا ڀائر کيس شراب ۾ الوٽ ڪري، اڌ رات جو اُٺ تي کڻي ڪيچ ڏانهن وريا. سسئي ان وقت ننڊ ۾ هئي ۽ کيس صبح جو جڏهين ساري ماجرا جي ڄاڻ پيئي، تڏهين زارو زار رُني، ڀنڀور سان سڀ لاڳاپا لاهي، اڪيليائي اڪيلي، پنهونءَ جي پٺيان برپٽن، جبلن ۽ جهنگلن ۾ ڪاهيندي هلي. جڏهين پٻ جبل وٽ پهتي، تڏهن اُڃ ۽ ٿڪ کان ماندي ٿي ڪري پيئي، ڌڻي جي قدرت اُتي هڪ صاف پاڻي جو چشمو پئدا ٿيو. پنهنجي اُڃ اجهائي سسئي وري سفر تي هلي هاڙي جبل وٽ ڦوڙ نديءَ جي اٿل ڏسي، نهايت مايوس ۽ درماندي ٿي نيٺ پنڌ ڪندي، واپس اچي ماباڙ نئن جي نزديڪ پهتي، اُتي پريان هڪ پهاڙ تي هڪ پهنوار جي جهوپڙيءَ تي نظر پيس، اُتي وڃي هن کان، پنهونءَ جو ڏس پڇيائين، پنهوار جو کيس ڏسڻ ۽ مٿس مست ٿيڻ، سسئي سندس بدارادو ڏسي، ڌڻيءَ در ٻاڏايو، ستار سندس ستر ڍڪيو. پهاڙ ڦاٽو ۽ سسئي اندر پيهي ويئي، پنهوار اهو ڪرشمو ڏسي نهايت پشيمان ٿيو ۽ ڌڻيءَ در توبهه زاري ڪري اُتي هڪ قبر ٺاهي ان جو مجاور ٿي ويهي رهيو، هوڏانهن پنهونءَ جو خمار لٿو ته ڀائرن کان ڀڄي، ڀنڀور ڏانهن واپس وريو، واٽ تي انهي قبر تي نظر پيس ۽ اُتي چنيءَ پاند ڏسي، دل ۾ سنسو جاڳيس، پوءِ پهنوار کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو، پنهونءَ زار زار روئي ڌڻيءَ در سوال ڪيو ته اي رب ! تون وڇڙيلن کي ملاءِ ڌڻي سندس سوال قبول ڪيو، وري پهاڙ ڦاٽو ۽ پنهونءَ وڃي سسئيءَ سان هميشه لاءَ هڪ ٿيو.