Abdul Ghafoor Bhurguri - Politician and a Lawyer

مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙي جنوري 1921ع ۾ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي تعلقي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل، سياستدان ۽ ليکڪ عبدالغفور ڀرڳڙي 94 سالن جي ڄمار ۾ رضا الاهي سان هن جهان فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اڳوڻو چيف جسٽس ۽ اڳوڻو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين راڻا ڀڳوانداس، مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو وڪالت ۾ شاگرد رهي چڪو آهي ۽ جڏهن هو چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيو هو ته لاڙڪاڻي اچي عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي هئي. عبدالغفور ڀرگڙي جي فوت ٿيڻ واري خبر جڏهن وڪيلن کي پئي ته ننڍين توڙي وڏين ڪورٽن جو ڪم ڪار بند ٿي ويو  ۽ ڪنهن به ڪيس جي شنوائي نه ٿي. عبدالغفور ڀرڳڙي 15 ڏينهن اڳ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي واپس آيو هو. ابتدائي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ مدرسه اسڪول لاڙڪاڻو، گريجوئيشن سي ۽ ايس ڪاليج شڪارپورمان حاصل ڪئي. بعد ۾ بمبي يونيورسٽي مان ايم اي پاس ڪيائين ۽ ايل ايل بي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ڪيائين. 1947ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ گڏوگڏ سماجي ڀلاين وارن ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. ڪجھه عرصي بعد لاڙڪاڻي مان انصاف اخبار شروع ڪيائين جڏهن ته 1953ع ۾ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪاميٽي جو صدر منتخب ٿيو ۽ هو پنجن سالن تائين پنهنجي ذميواري نڀائي. 1949۽ 1956 ۾ جميعت الشعراع طرفان سڏايل آل سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1960 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر منتقب ٿيو. 1970 کان 1982 تائين لاڙڪاڻي جي سٽيزن ڪلب جي صدر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي واري زماني کان وٺي قائد اعظم محمد علي جناح جي رهبريءَ ۾ پاڪستان تحريڪ جا سرگرام ڪارڪن ٿي رهيا. 1977 ۾ شهدادڪوٽ ميروخان تڪ مان سنڌي اسميبليءَ جا ميمبر چونڊيو ويو، 1987 کان جمهوريت جي جدوجهد ۾ پنج ڀيرا جيل ياترا ڪيائين. 1983 ۽ 1995 ۾ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. جون 1984 کان فيبروري 1985 تائين سنڌ حڪومت ۾ روينيو ۽ ثقافت کاتي جو وزير رهيو. عبدالغفور ڀرڳڙي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان شروع ڪيائين ۽ ان ڏينهن کان زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پ پ پ جا سرگرم ڪارڪن رهيا. علالت ۽ عمر جي وڏي حصي سبب هو ڪنهن به پارٽي جي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو هو. قائد اعظم ۽ قائد عوام سان محبت ۽ عقيدت جي نتيجي ۾ قائد اعظم متعلق “ساٿ ڌڻي سرواڻ” جي نالي سان ڪتاب لکيائين ۽ قائد عوام متعلق “ فالڪن آف پاڪستان” نالي سان ڪتاب لکيا. جڏهن ته علمي ۽ تحقيقي نوعيت جا ڪتاب لکيا جن ۾ “زندگيءَ جو سفر” سندن ٽيون اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ تصوف جي حوالي سان رومي شاهه لطيف ۽ اقبال جي ڪلام جو متالعو ڏنو ويو آهي. تصوف جي موضوع تي سنڌي ۾ هن ڪتاب جي بنيادي حيثيت آهي.  چوٿو ڪتاب پنهنجي آٽو بايو گرافي ۽ تاريخ تي مبني “گذري جي وياسين زمانه ياد پيا” هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيِشن جو فائونڊر صدر رهيو هو. 96-1995 ۽ 97-1996 ۾ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جو ڪنوينر هيو ۽ 1999 ۾ ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙي پ پ پ سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري هيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بنيظير ڀٽو شهيد جي دور ۾ المرتضى هائوس لاڙڪاڻي جي انچارج جي حيثيت ۾ پڻ فرض سرانجام ڏنا. وارثن ۾ 5 پٽ ۽ 6 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن. جڏهن ته عبدالغفور ڀرڳڙي 2 شاديون ڪيون هيون.  سندس وڏو پٽ عبدالماجد ڀرڳڙي انڪم ٽيڪس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر جي پوسٽ تائين رهڻ کان پوءِ استعفى ڏني ۽ بعد ۾ هو آمريڪا هليو ويو جتي هن ڪمپيوٽر جي سنڌي لغت ٺاهي ۽ مختلف قسمن جا سنڌي سافٽ ويئر ٺاهڻ کان علاوه انهن کي مائڪروسافٽ ڪمپنيءَ سان معاهدو ڪري ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي لغت شامل ڪرائي. جڏهن ته ٻيو پٽ عبدالحامد ڀرڳڙي لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جرنل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.