Afghanistan won his first World Cup Match

ڊنيڊن ۾ کيڏيل پول اي جي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي اسڪاٽ لينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، اسڪاٽ لينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 210 رنسن تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي اسڪاٽ لينڊ جي شروعات سٺي نه رهي پهرين وڪيٽ 7 رنسن تي، 2 وڪيٽ 38 رنسن تي، 3 وڪيٽ 40 رنسن تي، 4 وڪيٽ 93 رنسن تي 5 وڪيٽ 95 رنسن تي 6 وڪيٽ 132 رنسن تي 7 وڪيٽ 134 رنسن تي 8 وڪيٽ 144 رنسن تي 9 وڪيٽ 206 رنسن تي ۽ 10 ۽ آخري وڪيٽ 210 رنسن تي ڪري. افغانستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 211 رنسن جو ٽارگيٽ مليو. افغانستان جي سميع الله شينواري جي شاندار بيٽنگ ڪندي 147 بالن تي 7 چوڪڻ 5 ڇڪن جي مدد سان 96 رنسون ٺاهيون ۽ اوپنر جاويد احمدي 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيا افعانستان آخري اوور جي ٽئين بال تي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.