ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سينيئر صحافي الهه بچايو جمالي جي تحقيقي ڪتاب (ايل بي او ڊي هڪ مها آفت) جي مهورتي تقريب ۾ شامل رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر علم الدين، انجنيئر غلام رسول ٽالپر، خليفو اشفاق احمد ميمڻ، نوجوان ليکڪ سليم جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي رسول بخش پليجي جو چوڻ هو ته اسان کي فخر آهي الهه بچايو جمالي تي جنهن اڪيلي سر (ايل بي او ڊي) خلاف پاڪستان جي نانگن ۽ ارڙ بلائن سان جنگ جوٽي آهي ان جنگ ۾ اسان الهه بچايو جي پويان آهيون. رسول بخش پليجي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ هڪ نه پر هزارين مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي جنگ ڪرڻي پوندي هن ڪتاب ۾ عجيب ۽ انوکي جنگ جوٽيل آهي، ان جنگ ۾ اسين سڀ، سڄي سنڌ الهه بچائي جي پويان آهي سنڌ ۾ هر مسئلو ڪمند جي اگهه جو هجي يا پاڻيءَ جو، يا ترقياتي ڪمن جو هن ۾ سنڌ نڌڻڪي آهي هن چيو ته هي هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي ايئن غداري ۽ وفاداري به وڏو فن آهي جيڪو هر ڪنهن کي نه ايندو آهي ان موقعي تي الهه بچائي جو چوڻ هو مون کي وڏي خوشي ٿي آهي ته (ايل بي او ڊي) جي مهورت رسول بخش پليجي جي هٿان ٿي آهي.