ARY Founder and CEO announced to launch Bol in three weeks
ARY founder and CEO Salman Iqbal aoouncing the take over of Bol TV's management

Founder and CEO of ARY Salman Iqbal has taken over the management of Bol network. According to the details, the Bol network will serve the operations under the supervision of CEO Salman Iqbal. This important and historical announcement of the Pakistani media was made on 18th August 2015. On this occasion, Salman Iqbal addressed the Bol employees. Salman says that the aim of this decision is to protect the media industry and the journalistic community. Salman Iqbal has announced to launch Bol TV network in three weeks and he said that my first priority is to pay the dues of employees. He said that 25 years ago, I had 14 people of which 19 people left and we started work with 6 people and they are with me even today. He paid tribute to the entire team of Bol and said that the way you have spent last 3 months, it is your passion. We will provide all facilities, the previous management had promises made and will try our best that make it better. All bureau chiefs, news heads and senior officials of the Bol TV network have been called to Karachi and all employees are present in the auditorium this time.

اي آر وائي جو باني سلمان اقبال بول ٽي وي ٽن هفتن ۾ لانچ ڪرڻ جو اعلان

اي آر وائي جو باني ۽ سي اي او سلمان اقبال بول نيٽ ورڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون. تفصيلن جي مطابق بول نيٽ ورڪ هاڻي باقائدا طور تي سي اي او سلمان اقبال جي نگراني ۾ پنهنجا آپريشنز جا ڪم انجام ڏيندو. پاڪستاني ميڊيا جي تاريخ جو هي اهم ۽ تاريخ ساز اعلان 18 آگسٽ 2015 جو ڪيو ويو آهي. سلمان اقبال هن موقعي تي بول جي ملازمن سان خطاب به ڪيو. سلمان اقبال جو چوڻ آهي ته هن فيصلي جو مقصد ميڊيا انڊسٽري ۽ صحافي برادري کي تحفظ ڏيڻو آهي. سلمان اقبال ٽن هفتن ۾ بول ٽي وي نيٽ ورڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو چوڻ هيو ته پهرين ترجيح ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي آهي. ان چيو ته 14 سال پهريون مون سان گڏ 25 ماڻهون هيا جنهن مان 19 ساٿ ڇڏي ويا. اسان 6 ماڻهن گڏ ڪم شروع ڪيو ۽ اڄ به هو ماڻهون مون سان گڏ آهن. هن بول ٽي وي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جنهن طرح گذريل 3 مهينا گذاريا آهن اهو توهان جو جنون آهي. اڳوڻي مينيجمينٽ جيڪي واعدا ڪيا هيا اسان اهي سڀ سهولتون مهيا ڪندا سين ۽ ڪوشش ڪندا سين ته هن کان بهتر ڏيئون. بول ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڀني بيورو چيفس، نيوز هيڊز ۽ اعلي عهديدارن کي ڪراچي گهرايو ويو آهي ۽ هن وقت سڀ ملازم آڊيٽوريم ۾ موجود آهن