Asili jo Daro

آسيليءَ جو دڙو ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچي ۾ واقع آهي. ڳوٺ سونهارو جت انهيءَ دڙي تي اڏيل آهي. گولاڙچيءَ کان بدين روڊ سان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دٻي شاخ موري کان اتر طرف هڪ ڪچو اٽڪل اڍائي ڪلوميٽرن جي پند ڪرڻ کانپوءِ آسيليءَ جو دڙو زرعي زمين ۾ گهيريل هڪ وارياسي پٽ تي آهي. آسيليءَ جي دڙي تي وڃڻ لاءِ گولاچيءَ کان بدين ويندڙ رستي تي ملندو. آسيليءَ جي نالي متعلق مختلف روايتون ملن ٿيون 1. سومرن جي دور ۾ هاسو نالي سوڍو هڪ فوجي جرنل هو. هي شهر اُن آباد ڪيو. پهريائين هن شهر جو نالو هاسو هو، پر پوءِ اڳتي هلي آسو ۾ تبديل ٿيو هاسو مان هاسيلي ۽ پوءِ آسيلي نالو پيو، 2. شيخ محمد سومار موجب سومرن جي دور جو آسو سوڍو هو، جنهن جي نسبت سان شهر جو آسيلي نالو پيو جنهن جي پٺيان تي آسو جو شهر يا اڳتي هلي ڪري آسيلي ٿيو هوندو. آسيلئَ جي دڙي جي بنياد پوڻ جو عرصو سومرا دور آهي. ائين به چيو وڃي ٿو ته آسيلي سنڌ جي گادئَ جو هنڌ رهيو آهي پر اسان کي اهڙي ڪابه شاهدي نٿي ملي. البته اهو چئي سگھجي ٿو ته آسيلئَ وارو ماڳ سومرا دور جي نشاني آهي ۽ هي شهر سما دور بلڪ ان کان پوءِ به گھڻي زماني تائين آباد رهيو. ڪن حقيقتن ۽ روايتن جي بنياد تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر جو اوج سما دور ۾ رهيو آهي. آسيلئَ جي دڙي مان جيڪي آثار مليا آهن انهن مان به ثابت ٿئي ٿو ته هي دڙو سومرا دور جو آهي جيڪو مغلن جي دور تائين موجود رهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان درياهه بادشاهه جي ڦيرگھير سبب آهستي آهستي تباهه ٿي ويو. آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ماڳ جي پسگردائئَ ۾ ٻيون به ڪي وسنديون آباد رهيون آهن، جن جا آثار اڄ به ملن ٿا. انڪري نه صرف هن ماڳ پر سندس پسگردائئَ ۾ به وسندڙ تڏهوڪين وسندين جي آثارن تي پڻ تحقيق جي سخت ضرورت آهي. دڙي کي جيڪڏهن زرعي زمين جي صورتحال سان ڏٺو وڃي ته اٽڪل چئن ايڪڙن تي مشمتل آهي. آسپاس جي شين کي ڏسي ڪري اهو اندازو لڳائي سهگجي ٿو ته هاڻوڪي آثارن واري علائقي کان گهڻو وسيع هئي پر آهستي آهستي کيڙيءَ جي ور چڙهي ويئي. ۾ ڍڪيل هن دڙي تي هاڻي ڄاريون، ٻُٻر ۽ ٻيا وڻ به موري وڏا ٿي چڪا آهن. تمام ٿوري مٽي اُٿلائڻ سان ئي جڳهين جون پڪيون سِرون ڀڳل ٽُٽل ٿانوَ وغيره نڪري ظاهر ٿي پون ٿا. اولهه ڏکڻ کان پڪين سِرن سان جڙيل ڊگھي ديوار جا نشان به چِٽا نظر اچن ٿا