Bajrangi Bhaijaan made a record in two days

Bollywood star Salam Khan’s film Bajrangi Bhai Jan released on 17th July has set a record on box office and made business of 100 crores in its first week. Salman Khan became the first actor in Indian film industry whose most of the movies has made business of 100 crores. Taran Adarsh wrote on micro blogging site Twitter that the film has made 100 crores business in its first three days and Bollywood’s good days are back. According to the Indian newspaper, Bajrangi Bhai Jan made 36 crores business on the release of second day and this is the first movie of Salman Kahn that earns most money in a day. Ek tha Tiger made a business of 32 crores in a day before that. Salman Khan’s Bajrangi Bhai Jan is the 8th film to cross 100 crores mark in India. After the success of this film, Salman Khan has become the first actor in Indian industry with the most 100 crores films.

سلمان خان جي فلم بجرنگي ڀائي جان ٻن ڏينهن ۾ ريڪارڊ قائم ڪيو

17 جولائي جو ريليز ٿيڻ واري بولي ووڊ اسٽار سلمان خان جي فلم بجرنگي ڀائي جان پهرين هفتي ۾ باڪس آفيس تي تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي. ۽ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو آهي جڏهن ته سلمان خان هنڌستان جي فلم انڊسٽري ۾ واحد اداڪار بڻجي ويو آهي جنهن جي سڀ کان وڌيڪ فلمن 100 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي. ترن آدرش مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته فلم پنهنجي پهرين ٽن ڏينهن ۾ هي 100 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو، بولي ووڊ جا سٺا ڏينهن واپس اچي ويا آهن. ڀارت جي اخبار جي مطابق بجرنگي ڀائي جان جي ريليز جي ٻئين ڏينهن ساڍا ڇٽيھ ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو ۽ هي سلمان خان جي ڪنهن به فلم جو هڪ ڏينهن جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائڻ وارو پيسو آهي، هن کان پهريون ايڪ ٿا ٽائيگر هڪ ڏينهن ۾ 32 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو هيو. بجرنگي ڀائي جان سلمان خان جي بولي ووڊ ۾ اٺين فلم آهي جنهن 100 ڪروڙ کي ڪراس ڪيو آهي. هن فلم جي ڪاميابي کانپوءِ سلمان خان واحد اداڪار بڻجي ويو آهي جنهن جي وڌيڪ فلمن هنڌستاني فلم انڊسٽري ۾ 100 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي.