Shaheed Muhtarma Benazir Bhutto (1953 - 2007)

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن سابق وزير اعظم بينظير ڀٽو 21 جون 1953 تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي. پرائمري تعليم پاڪستان مان حاصل ڪيائين ۽ اعليٰ تعيلم جي لاءِ بيرون ملڪ هلي وئي جتي برطانيا ۽ اميريڪا ۾ ان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي 1976ع ۾ هو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي يونين جي صدر منتخب ٿي. 18 ڊسمبر تي ان جي شادي آصف علي زرداري سان ٿي. هو پهرين ڀيرو 1988 ۾ جڏهن ته ٻيون ڀيرو 1993 ۾ ملڪ جي وزير اعظم ٿي، بينظير ڀٽو پنهنجي پيءُ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي (پيار جو نالو) سياسي ميدان جي بيبي جي نالي سان سڃاتي وئي 1988 ۾ بينظير ڀٽو دبئي هلي وئي ۽ 10 سالن کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007 تي هو پنهنجي ملڪ پاڪستان واپس آئي. جنهن ۾ ان جو استقبال تمام زور و شور سان ڪيو ويو ۽ ان جي استقبالي جلسي ۾ زوردار بم ڌماڪا ڪيا ويا پر بينظير ان دوران محفوظ هئي. جڏهن ته 27 ڊسمبر هو لياقت باغ جي جلسي ۾ خودڪش حملو ٿيو ۽ فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملي مطلب ته شهيد ٿي وئي. بينظير ڀٽو ڪتاب پڻ لکيا ۽ ان جي زندگي تي مختلف ليکڪن پڻ ڪتاب لکيا. بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هئي. پاڻ پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي الگ الگ اسڪولن مان حاصل ڪئي پاڻ او (O Level) جو امتحان 15 سالن جي عمر ۾ پاس ڪيو ۽ ان کان پوءِ پاڻ (A Level) جو امتحان ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو. 1969 کان 1973 تائين (Red Self collage or Howard university) ۾ پڙهندي رهي جتي ان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم جو اڳيون حصو برطانيه ۾ مڪمل ڪيو. 1973 کان 77 جي درميان محترمه بينظير ڀٽو ليڊي مار گريٽ هال آڪسفورڊ مان سياست اقتصادايت ۽ فلاسافي جي تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته انهن بين الاقوامي قانون ۽ ڊپلوميسي جي حوالي سان ڪورس آڪسفورڊ مان مڪمل ڪيا بينظير ڀٽو جا 3 ٻار آهن جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري شامل آهن. بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سابق وزير اعظم پاڪستان هو. جڏهن ته انهن کي 1975 ۾ احمد رضا قصوري جي قتل جي الزام ۾ برطرف ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڦاسي ڏني وئي. ان کي 4 اپريل 1979 تي ڦاسي ڏني وئي ۽ ان دوران بينظير ۽ ان جي والده کي پوليس جي قبضي ۾ رکيو ويو. 1980 ۾ بينظير ڀٽو جي ڀاءُ شاهنواز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته 1996 ۾ ان جي ٻئي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي به شهيد ڪيو ويو. بينظير پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان واپس آئي ان کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو جڏهن ته 1984 ۾ ان کي برطانيه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. 16 نومبر 1988 تي بينظر ڀٽو ملڪ ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ان جي پارٽي قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪيا ۽ هو ملڪ جي وزير اعظم بڻجي وئي پاڻ 2 ڊسمبر 1988 تي وزير اعظم جي عهدي تي حلف کنيو ۽ هو ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم بڻجي وئي ان وقت ان جي عمر 35 سال هئي جڏهن ته 1989 ۾ ان کي لبرل انٽرنيشنل جي طرفان ان کي پرائيز فار فريڊم سان نوازيو ويو. جڏهن ته پيپلز ميگزين بينظير ڀٽو کي دنيا جي 50 خوبصورت عورتن ۾ هڪ قرار ڏنو. 1990 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرپشن جي الزامات تحت برطرف ڪئي وئي ان کان پوءِ نواز شريف حڪومت ۾ آيو ۽ 1993 ۾ بينظير ڀٽو وري ملڪ جي وزير اعظم ٿي. پر ان جي پارٽي جي منتخب صدر جناب سردار فاروق لغاري جي اختلافات کان پوءِ 1996 ۾ ان جي حڪومت ختم ڪرائي. ۽ وري نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم بڻيو ۽ محترمه بينظير کي هڪ ڀيرو ٻيهر جلا وطني اختيار ڪرڻي پئي. ۽ هو دبئي ۾ رهڻ لڳي. طويل جلا وطنيءَ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007 ۾ ڪراچي واپس آئي ان جلسي ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ بينظير ڀٽو ته محفوظ رهي پر ان ۾ 136 ماڻهو شهيد ۽ 450 زخمي ٿيا. ٻي دفعه ڊسمبر 2007 ۾ لياقت باغ راولپنڊي ۾ انتخابي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهن جي نعري جو جواب ڏيڻ لڳي ته اتي قاتلانه حملو ٿيو. ان وقت ان جي عمر 54 سال هئي ۽ ان کي 54 سالن ۾ شهيد ڪيو ويو. محترمه (Daughter of the East) ڪتاب لکي تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا 6 اعليٰ عالمي اعزازات:

  • آڪسورڊ يونيورسٽي جي پهرين يونين جي صدر.
  • پهرين گهٽ عمر ترين خاتون وزير اعظم.
  • اقوام متحده ۾ پهرين گهٽ عمر خاتون جو خطاب.
  • پهرين مسلمان عورت جيڪا پاڻ به وزير اعظم ۽ پيءُ به وزير اعظم.
  • پهرين مسلمان خاتون جيڪا ٻه دفعا وزير اعظم.
  • سڀني کان پهرين مسلمان خاتون جيڪا گهٽ عمري ۾ پارٽي جي سربراهه ٿي.

[huge_it_slider id=”4″]