Sindhi Dunya

Blackberry launched Android system in its new devices

Google Android mobile phone operating system has revolutionized the world of mobile phones that giant companies like BlackBerry's life is in danger.

Google Android mobile phone operating system has revolutionized the world of mobile phones that giant companies like BlackBerry’s life is in danger. Few years ago, Blackberry’s mobile phones were in high demand around the world and the company earned profit of billions of dollars annually but blackberry phone has significant declined in popularity after coming Android phones in the market. BlackBerry phones still insisted on running its operating system even that the company’s position is in the risk of loss. So finally, they have decided to introduce Google Android operating system in its own mobile phones. Although the blackberry has admitted that Blackberry’s operating system has completely failed to get attention of users compared to the Android. According to the report of British magazine daily mail, initially Blackberry will use the Android operating system in its slider phone and getting the results from it, it will be decided in the future whether or not to use the Android system. BlackBerry sources told the British magazine that BlackBerry Company ruled in the world of smart phones but now its market share is less than 1 percent. Therefore, the Company has decided to use the Android operating system and this decision is a part of policy to focus on company’s software and device management. It has been told in the report, the Blackberry’s Android phone will be launched in the market at the end of this year.


بليڪ بيري اينڊرائيڊ سسٽم کي پنهنجي ڊوائيس ۾ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

گوگل جو موبائيل فون آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ موبائيل فون جي دنيا ۾ اهڙو انقلاب کڻي آيو آهي جيڪو بليڪ بيري جهڙي وڏي ڪمپنين جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي. هڪ وقت هيو جڏهن بليڪ بيري جا موبائيل فون جي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي کپت هئي ۽ ڪمپني اربن ڊالرن جو ساليانو منافو ڪمائيندي هئي پر اينڊرائيڊ فون جي اچڻ کانپوءِ هن جي فون جي مقبوليت ۾ تمام گهڻي ڪمي ٿي وئي. بليڪ بيري پوءِ به فون ۾ پنهنجو آپريٽنگ سسٽم هلائڻ تي ڊٽيل رهي نوبت ايتري حد تائين آئي آهي ته ڪمپني کي وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. آخرڪار انهن فيصلو ڪندي پنهنجي فون ۾ گوگل جو اينڊرائيڊ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بليڪ بيري اعتراف ڪيو آهي ته هن جو آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ جي مقابلي ۾ صارفن جي توجه حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي. برطانيا ميگزين ڊيلي ميل جي رپورٽ جي مطابق شروعات ۾ بليڪ بيري پنهنجي هڪ سلائيڊر فون ۾ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪندو ۽ هن مان حاصل ٿيڻ واري نتيجي کي نظر هيٺ رکندي مستقبل ۾ اينڊرائيڊ سسٽم استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. بليڪ بيري جي ذرائع جي مطابق برطانيا جي ميگزين سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته بليڪ بيري ڪمپني جيڪو ڪڏهن سمارٽ فون جي دنيا ۾ راڄ ڪندو هيو هاڻي هن جو مارڪيٽ ۾ حصو 1 سيڪڙو کان به گهٽ رهجي ويو آهي ان لاءِ ڪمپني اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هي فيصلو ڪمپني جي سافٽ ويئر ۽ ڊوائيس مينيجمينٽ تي توجه ڏيڻ جي پاليسي جو حصو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بليڪ بيري جو هي اينڊرائيڊ فون هن سال جي آخر ۾ مارڪيٽ ۾ آندو ويندو

Exit mobile version