Chennai Super King and Rajasthan Royal Kings suspended for two years

The Indian Supreme court has imposed a ban on two teams of Indian Premier League (IPL) Chennai Super King and Rajasthan Royals for two years. Indian Supreme court consist of 3 member commission made a judgement on Tuesday of IPL corruption case. This case is one of the biggest scam of the Indian cricket history in which International cricket council Chairman Srinivasan’s son in law Gurunath Maiyappan and Co-Chairman of Rajasthan Royals Raj Kundra cricket activities have been suspended for life time. The Chennai Super King is led by Indian Captain Mahindra Singh Dhoni while Rajasthan Royals captaincy is in the hands of Australian player Steve Smith. Both teams consist of international players New Zealand Brendon McCullum, Australian Shane Watson and South African Du Plessis and several other international players are included.


چنائي سپر ڪنگز ۽ راجستان رائلز تي ٻن سالن جي پابندي

هنڌستان جي سپريم ڪورٽ انڊين پريميئر ليگ آئي پي ايل جي ٻن ٽيمن چنائي سپر ڪنگز ۽ راجستان رائلز تي ٻن سالن جي لاءِ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اڱاري جو هنڌستان جي سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل 3 رڪنن جي تحقيقاتي ڪميشن آئي پي ايل ڪرپشن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. هي ڪيس هنڌستان جي ڪرڪيٽ تاريخ جو هڪ وڏو اسڪينڊل آهي جنهن ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل آئي سي سي جي چيئرمين سري نواسن جو نياڻو گروناٿ مياپن ۽ راجستان رائلز جو شريڪ چيئرمين راج ڪندره جي ڪرڪيٽ سرگرمين کي تاحيات معطل ڪيو ويو آهي. چنائي سپر ڪنگز جي اڳواڻي هنڌستان جو ڪپتان مهيندرا سنگھ دهوني جي هٿن ۾ آهي جڏهن ته راجستان رائلز جي ڪپتاني آسٽريليا جي رانديگر اسٽيون اسمٿ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻنهي ٽيمن ۾ ڪيوي بيٽسمين بريڊن ميڪلم، آسٽريليا جو شين واٽسن ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڊو پليسي سان گڏ ڪيترا ئي وڏا انٽرنيشنل رانديگر موجو آهن