Outclass Double Century by Chris Gayle against Zimbabwe

ورلڊ ڪپ 2015 جي 15 مئچ ۾ ڪاري آنڌي جو اوپننگ بيٽسمين ڇڪن جي دنيا جو بادشاهه ڪرس گيل ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊبل سينچري ٺاهي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. جنهن تي ڪرس گيل کي ميچ جو هيرو به قرار ڏنو ويو. ڪرس گيل 16 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 215 رنسون ٺاهي زمبابوي جون وائيون بتال ڪري ڇڏيون، ڪرس گيل تيز ترين ڊبل سينچري اسڪور ڪري ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي نئين تاريخ لِکي ڇڏي، ۽ پڻ ورلڊڪپ جي تاريخ جي شاندار اننگز کيڏندڙ ڪرس گيل ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇــَڪا هڻڻ جو رڪارڊ به قائم ڪري ورتو ۽ ون ڊي ڪيريئر ۾ پنهنجا 400 ڇڪا به مڪمل ڪري ٻئين نمبر تي اچي ويو پهرين نمبر تي 445 ڇڪن سان شاهد خان آفريدي برقرا. ڪرس گيل ۽ مارلن سيموئلز 372 رنسن جي شاندار پارٽنر شپ هڻي دنيا ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو