Meaning of Word Friday

Do you know what a meaning of a Word “Friday” is? For Muslims, Friday is considered to be a best day of a week. Let’s explore some interesting facts about Word Friday.

MAKKAH: A day of Friday is very pious for every Muslim. Muslims believe that Friday is a day, full of Blessings for them. Muslims do wear new clothes on this day and offer prayer. Do you know a meaning of Friday and how it has been derived? There are also many different facts about Friday, from which some of you may know or you may not know.

Word “Friday” is called “Jumaa” in Arabic Language, which is derived from two words, “Al Jum”, which means, to gather or collective. Allah Almighty has ordered to Muslims about this day in Holy Quran, “O you who believe! When the call is made for Prayer on Friday, then hasten to the remembrance of God and leave off trading; that is better for you, if you know.” (Quran 62:9)

Muslims believe that Allah Almighty has blessed them with uncountable blessings and gifts. From those blessings, a month of Ramadhan and a day of Friday are the best blessings of Allah Almighty. A Holy Prophet Hazrat Muhammad (SAW) said, Friday is a best day in all days of week. This day Hazrat Adam (PBUH) was born. An expulsion of Hazrat Adam (AS) from Paradise was done on the same day and He (PBUH) returned back to Paradise on a same day. Also, the Doomsday will be on the day of Friday.

It is mandatory to pray a Prayer of Friday (Juma Prayer). It has been reported that on this day Angels sits in waiting of people. Holy Prophet Muhammad (SAW) said that a mosque where a Juma Prayer is going to be performed, angels remains available at the doors of mosque, so that they can welcome to those who are coming to pray the Juma Prayer.

A day of prayer has special consideration that prayers which has been prayed has never been refused by Allah Almighty. Hazrat Abu Hurraira (RAA) reported that, Holy Prophet Muhammad (SAW) said, that there is a time within a day of Friday, when all prayers which have been prayed are accepted by Allah Almighty.

Doing Charity during the day of Friday is considered to be the best in all days. Our Holy Prophet (SAW) said that Friday is a Day of Happiness. Muslims whoever see this day, should take proper bath, put best perfume, wear best clothes and should listen what Imaam is saying. Whoever, will practice in this way, Allah will forgive all their sins from that Friday till next Friday.


ڇا توهان کي لفظ ”جمعي“ جي معنٰي خبر آهي؟ مبارڪ ڏينهن جي باري ۾ هڪ ايمان تازه ڪرڻ واري حقيقت

مڪه المڪرمه: هر مسلمان جي لاءِ جمعي جو ڏينهن ڏاڍو برڪت وارو ۽ رحمتن سان ڀريل ڏينهن هوندو آهي. اسان هن ڏينهن تي اسان نوان ڪپڙا پائي ڪري مسجد ۾ نماز ادا ڪندا آهيون. ڇا توهان کي لفظ جمعي جي معنٰي خبر آهي ۽ هن جي باري ۾ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. ڇا توهان اهي سڀ ڄاڻو ٿا؟

لفظ ”جمعو“ عربي زبان جي لفظ ”ال جم“ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، گڏ ٿيڻ يا جمع ٿيڻ آهي. هن ڏينهن لاءِ الله تعاليٰ اهلِ ايمان کي قرآن پاڪ جي ”سوره جمعه“ ۾ حڪم ڏنو آهي ته ”اي ايمان وارو! جڏهن توهان کي جمعي جي نماز لاءِ سڏ ڪيو وڃي ته جلدي ڪيو. خريد و فروخت بند ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن سمجھو ته هي توهان لاءِ بهتر آهي“.

مسلمانن جو ايمان آهي ته الله تعاليٰ انهن کي تمام گھڻن لازوال دولتن سان نوازيو آهي، جنهن ۾ رمضان المبارڪ جو مهينو ۽ جمعي جو ڏينهن به شامل آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته هفتي جي ڏينهن ۾ جمعي جو ڏينهن سڀ کان افضل ترين آهي، هن ڏينهن الله پاڪ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو هيو، انهي ئي ڏينهن تي ان کي جنت ۾ واپس داخل ڪيو ويو هيو، انهيءَ ڏينهن تي ان کي جنت مان ڪڍيو ويو هيو ۽ ان ئي ڏينهن تي قيامت اچڻي آهي.

نماز جمع ادا ڪرڻ انتهائي ضروري ڳاله آهي. روايت آهي ته فرشتا هن ڏينهن ماڻهن جي انتظار ۾ ويهندا آهن. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جو چوڻ آهي ته جنهن مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي ويندي آهي، ان جي دروازي تي فرشتا موجود هوندا آهن ته جيئن نماز ادا ڪرڻ وارن کي ڀليڪار ڪري سگھن.

جمعي جو ڏينهن اهڙو آهي جنهن ڏينهن دعا قبول ڪئي ويندي آهي. حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه سان روايت آهي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته جمعي جي روز هڪ وقت اهڙو آهي جڏهن اهلِ ايمان  جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي.

جمعي جي ڏينهن جو خيرات ڪرڻ به ڏاڍو افضل آهي. نبي ڪريم صلي الله وآله وسلم جن فرمايو ته جمعي جو ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن آهي، انڪري جيڪو به اهو ڏينهن ڏسي انهي کي کپي ته  غصل ڪري، خوشبو لڳائي، بهترين خوشبو لڳائي،  بهترين ڪپڙا پائي ۽ امام جي ڳاله خاموشيءَ سان ٻڌي. جيڪو ائين ڪندو ته ان جا ان جمعي کان وٺي ٻئي جمعي تائين جا گناه معاف ڪيا ويندا آهن.