پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته ان جي پارٽي جي گهڻن رهنمائن بينظير جي رت جو سودو ڪيو جڏهن ته ان جي قتل جي تحقيق ۾ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ کي به شامل ڪرڻ گهرجي. رحمان ملڪ جي حوالي سان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ هن هٿيارن جا لائسنس ڏنا جنهن جي وجهه سان سڄي سنڌ جا حالات خراب ٿي ويا۔ ميڊيا کي جاري بيان ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گورننس تمام خراب آهي جڏهن ته ان ئي حالات جي وجهه سان بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کان ناراض هو. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري ئي سنڌ جي عوام جا اصل اڳواڻ آهن ۽ ٻئي ملي ڪري پارٽي کي سٺي اندار ۾ هلائي رهيا آهن. ذوالفقار مرزا سياست مان رٽائرمينٽ جي حوالي سان چيو آهي ته سياستدان ڪڏهن به رٽائر نه ٿيو آهي بلڪه سياست ڪندو رهندس.