Fawad Khan and Siddharth Malhotra playing role of writer in Kapoor & Sons film

Bollywood actor Siddharth Mahotra who recently has played a role of Akshay Kumar’s brother in brothers film. Now he will appear in the character of Fawad Khan’s brother in Kapoor & Sons film. According to the Indian news website IBN, Siddharth Malhotra told about his character in Kapoor & Sons that he and Fawad Khan are playing a character of writer. Siddharth Malhotra belongs to the Delhi is working first time in the film with Fawad Khan. During the film shooting, he told about the time spent with Fawad. During the film shooting, when we had nothing to do so I and Fawad talked about films, played cricket together and I enjoyed a lot working with Fawad.  Siddharth is also excited to release the movie in Pakistan. He said that Kapoor & Sons should be released in Pakistan. This is a good family, comedy and drama movie. Fawad Khan, Siddharth Malhotra, Alia But, Rishi Kapoor, Ratna Shah and Rajat Kapoor are included in the cast of Kapoor & Sons film. Dharma production this film has been directed by Shakan Batra.

فواد خان ۽ سدهارٿ ملهوترا ڪپور اينڊ سنز ۾ مصنف جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن

بولي ووڊ اداڪار سدهارٿ ملهوترا جنهن حال ۾ فلم برادرز ۾ اڪشي ڪمار جي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي هاڻي ڪپور اينڊ سنز ۾ فواد خان جي ڀاءُ جي روپ ۾ نظر ايندو. هنڌستان جي نيوز ويب سائيٽ آئي بي اين جي مطابق سدهارٿ ملهوترا ڪپور اينڊ سنز ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ٻڌايو ته فلم ۾ هو ۽ فواد خان مصنف جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. دهلي سان تعلق رکندڙ سدهارٿ ملهوترا فواد خان سان گڏ پهريون دفعو فلم ڪري رهيو آهي. هن فلم جي شوٽنگ جي دوران فواد سان گڏ گذاريل وقت جي باري ۾ به ٻڌايو. ڪونور ۾ شوٽنگ جي دوران جڏهن اسان وٽ ڪرڻ جو ڪجھ به نه هوندو هيو ته مان ۽ فواد فلمن جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪندا هيا سين، اسان ڪرڪيٽ به کيڏي، فواد خان سان گڏ ڪم ڪري مون کي تمام گهڻو مزو آيو. سدهارٿ پنهنجي فلم جي پاڪستان ۾ ريليز جي حوالي سان به ڪافي پر جوش هيو. هن حوالي سان ان جو چوڻ هيو ته ڪپور اينڊ سنز کي پاڪستان ۾ ريليز ٿيڻ گهرجي هي هڪ فيملي، ڪاميڊي ۽ ڊراما فلم آهي. فلم ڪپور اينڊ سنز جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، سدهارٿ ملهوترا، عاليا بٽ، رشي ڪپور، رتنا شاه ۽ رجت ڪپور شامل آهن. دهرما پروڊڪشن جي پيشڪش هن فلم جي هدايت شڪن بترا ڏني آهي