Ghulam Murtaza Shah (GM Syed)

سائين غلام مرتضيٰ شاهه عرف (جي ايم سيد)، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. شاھ حيدر رحه جي اولاد جي نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا. پاڻ 17 جنوري 1904ع ۾ ڇنڇر جي ڏينهن سيد محمد شاھ سنائيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيا ۽ نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويوجيڪو بعد ۾ جي ايم سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. پاڻ بچپن کان آخر تائين کوڙ ساريون تڪليفون ڏٺيون. پاڻ اڃا 16 مهينن جا مس ٿيا ته پهرين نومبر 1905ع ۾ سندس والد سيد محمد شاهه کي ذاتي دشمني تحت شهيد ڪيو ويو، سندس وڏي ڀاءُ ۽ والد جي هن فاني دنيا جي وڃڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي پالنا پنهنجن ٽن ڦڦين، ٻن امڙين ۽ هڪ ڏاڏي امان جي ذمي هيٺ آئي. اتفاق سان سائين جي خاندان ۾ سندس کانسواءِ ڪوبه مرد ماڻهو، ايستائين جو ڪو ويجهو مائٽ (مرد) به ڪونه هو. سندس نوڪر چاڪر، خدمتگار، ڪمدار، سائين وارن جو ڪم ڪار ڇڏي وڃي ٻي گذر سفر سان لڳا هئا. مٿان وري پاڻ بيمار ٿي پيا، بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وئي. ان ڏينهن ۾ سيوهڻ تعلقي جو هڪ نامور حڪيم نالي سيد احمد شاهه سائين جو علاج ڪيو، جنهن دوا سان گڏ راتيون جاڳي مريض جي شفا لاءِ ورد وظيفا پڻ ڪڍيا، جنهن کانپوءِ سائين وڃي مس صحتيات ٿيا. سنڌ ڌرتي جي عظيم فرزند جهڙيءَ طرح پنهنجي زندگي علمي، ادبي، صحافتي عملي ۽ سياسي پيچرن تي جنهن ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري انهيءَ جو مثال تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. ايتري تائين جو ضعيفي واري حالت ۾ به رات ڏينهن سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو پهرين جولاءِ سال 1910ع ۾ سن جي هڪ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. جتي سائين جو پهريون استاد، سائين جان محمد عباسي ٿيو، ان کانپوءِ 1913ع ۾ ڌرمداس ڀاڳو مل استاد ٿيو. سنڌي چار درجا پاس ڪري، جڏهن پنجين درجي ۾ ويو ته اتي استاد مل ٻالچند پڙهايو. انهيءَ عرصي دوران قرآن پاڪ جو درس آخوند ميان سمن ڏنو. عربي ۽ فارسي جو درس قاضي ميان محمد هاشم ولد ميان احمد وٽ حاصل ڪئي. انگريزي جي تعليم ميان حامد علي ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ (هالاڻي واري) ڏني. سياسي، سماجي شعور ان ئي دور ۾ اسريو ۽ اڳتي منزلون طئي ڪندي عالمي حدون اورانگهي جڳ مشهور ٿيا. سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات 1952ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿي ڪري ڪئي، ان کانپوءِ وائيس پريزيڊنٽ ۽ تنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد پريزيڊنٽ ٿيا. 1929ع ۾ ضلعي ڪراچي جي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سائين جي ايم سيد جي ڪم ۽ جدوجهد کي ڏسي سنڌ جي ماڻهن سائين جي ايم سيد کي 1937ع واري اليڪشن ۾ چونڊي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڪيو. چونڊجڻ کانپوءِ 1938ع ۾ سائين مسلمانن جي سياسي جماعت آل انڊيا مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو ۽ 1938ع ۾ ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جنهن ۾ رياست جي خودمختياري جو چيو ويو هو، ان جي ڀرپور نموني حمايت ڪئي هئي. ان کانپوءِ مسلمانن جي حقن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکيو آيو. 23 مارچ 1940ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ پاس ٿيندڙ قرارداد جي به ڀرپور حمايت ڪئي ۽ اُن جدوجهد تان پوئتي نه هٽيو. مسجد منزل گاهه سنڌو نديءَ جي ڪناري تي سکر وٽ هندن جي تيرٿ ساڌ ٻيلي جي سامهون تاريخي پراڻي عمارت آهي. هن عمارت جي آڳر اندر ٻه ٻيون عمارتون آهن، جن مان هڪ 1004هه ۾ تيار ٿي، جڏهن ته ٻي عمارت 1007هه ۾ ٺهي راس ٿي. اهي ٻئي عمارتون مير محمود معصوم بکريءَ، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ عام ڀلائيءَ ۽ تفريح لاءِ ٺهرايون هيون، ان ۾ هڪ حصو مسجد جي لاءِ ۽ ٻيو آرام لاءِ ٺهرايل هو. سکر جا مسلمان 1936ع کان حڪومت کان اهو مطالبو ڪندا ٿي آيا ته اها مسجد آهي ۽ مسلمانن کي ڏني وڃي ته ساڳئي وقت هندن ان کي مسافرخانو ٿي سمجهيو. ان ڳالهه مسلمانن کي ڪاوڙ ڏياري ۽ مسلمانن جي ان ڪاوڙ کي سياسي رنگ ڏئي، سنڌ جي صدين پراڻي هندو مسلم ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو. اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن کان گهُر ڪئي وئي ته حڪومت تي زور آڻي مسجد منزل گاهه کي واپس ڪرايو وڃي. ان ڏس ۾ ايوب کهڙي صاحب جي صدارت ۾ مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ مسلمانن کان اِها گهُر ڪئي وئي ته 18 آگسٽ 1939ع تي مسجد منزل گاهه جي ڏينهن طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو وڃي. فساد کي ٽارڻ لاءِ الله بخش سرڪار لڳ ڀڳ ساڍا ٽي هزار ماڻهو جيل موڪليا ۽ ”مسجد منزل گاهه“ تان هندن جو قبضو ڇڏائي، ان کي پوليس حوالي ڪيو. 19 نومبر 1939ع ۾ سيد کي ٻين اڳواڻن سميت حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان طرح سکر ۽ ان جي آسپاس سموري سنڌ ۾ هندو مسلم خون ريز فساد شروع ٿيا، جن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان قتل ٿيا. ڪئين هندو ۽ مسلمان زخمي ٿيا. لڳ ڀڳ ٻه سو گهر ساڙيا ويا ۽ 8 لکن کان مٿي ملڪيت جو نقصان ٿيو. ان وقت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کي هن واقعي جو گهڻو رنج پهتو، جيئن هن واقعي سان واسطو رکندڙ سندس هڪ خط جي لفظن مان معلوم ٿيندو اليڪشن کانپوءِ اليڪشن ۾ ڪامياب هجڻ باوجود سائين جي ايم سيد قائداعظم محمد محمد علي جناح جي ڪجهه فيصلن سان اختلاف ڪندي، آل انڊيا مسلم ليگ کان پاسيرو ٿي ويو. تنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد پروگريسو مسلم ليگ جوڙي، ان کانپوءِ 1955ع ۾ جڏهن پاڪستان کي ون يونٽ ڪيو ويو ته سائين ان جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن جي ڪري جيل ۾ به وڃڻو پيو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين سوچڻ ۽ جاچڻ لڳو ته جيستائين ملڪ ۾ پنجاب جي بالادستي ختم نه ٿيندي تيستائين سنڌ کي پنهنجا حق نه ٿا ملي سگهن. ان سلسلي ۾ 1972ع ۾ حيدرآباد جي هڪ وڏي جلسي ۾ سنڌ جي آجپي جو نعرو هنيو، ان نعري هڻڻ کانپوءِ اڃا وڌيڪ سائين کي تڪليفون ڏنيون ويون، ان باوجود سائين نه جهڪيو ۽ پنهنجي تحريڪ کي اڃا تيز ڪيو ۽ پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪر کي ڦهلايو ۽ ڏسندي ڏسندي لکين سنڌي ان فڪر جا پوئلڳ ٿيا، جن پنهنجون زندگيون سنڌ مٿان داءَ تي لڳائي ڇڏيون. اڄ به سنڌ مٿان ڪو وار ڪري ٿو ته ان خلاف سڀ جو سڀ متفق ٿي وڃن ٿا. سائين جي ايم سيد جو ڏنل پيغام اڄ به سنڌين جي دلين ۾ موجود آهي. سنڌ جي ماڻهن جون دليون کٽيندڙ کي ان کانپوءِ سنڌ دشمن قوتون اڃا سوڙهو ڪرڻ لڳيون. سائين کي 28 سال جيل ۽ نظربند رکيو ويو. ايستائين جو سائين پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن به نظربندي ۾ گذاريا ۽ آخر تائين سامراجي قوتن اڳيان نه جهڪيو.

سائين قومي تحريڪ جو سرواڻ هُجڻ کان علاوه سنڌي ادب ۽ ثقافت جو وڏو ڄاڻو، تاريخ جو ماهر، سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ، صوفي ۽ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ ۽ 50 کن ڪتابن جو مصنف، محقق ۽ اسڪالر پڻ هو، بيشڪ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ۽ واڌارو ناهي ته سائين جي ايم سيد جهڙن انسانن جي حياتي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي. سائين هڪ سچو ۽ کرو محب وطن انسان هو، سچو ۽ کرو محب وطن انسان هر دور ۾ امر ۽ عظيم ٿي رهندو آهي، جنهن جي عظمت اتم آهي. هو هڪ اهڙو آواز ٿي گذريو آهي، جيڪو حق ۽ سچ جو آواز آهي، جيستائين هي دنيا قائم آهي، سائين جي ايم سيد جو نالو به قائم ۽ دائم رهندو سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته دنيا جي نئين پيدا ٿيل حالتن، ڪتابن جي مطالعي ۽ حساس دل گڏجي کيس زندگيءَ ۾ انقلابي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪيو. سيد ڪانگريس ميمبرن جي مدد سان وزير ٿيو هو، تنهن ڪري هو سنڌ ۾ اُنهي پوزيشن ۾ نه هو، جو هو وڌيڪ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪري سگهي، جناح صاحب کي صورتحال کان واقف ڪري، کانئن اجازت ورتائون ته سنڌ ۾ آل پارٽيز گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي. ان طرح پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي صدر ابوالڪلام آزاد کي سنڌ ۾ گهرائي هرهڪ پارٽيءَ منجهان ٻن ٻن وزيرن کي کڻڻ جو ٺاهه ڪيائون ۽ اهڙيءَ طرح 23 نومبر 1940ع تي وزارت تان استعيفيٰ ڏنائون. سيد صاحب جي مختصر مدت واري وزارت ڇڏڻ کان پوءِ 1940ع جي آخر ۾ جناح صاحب سنڌ ۾ جوڙجڪ لاءِ جي. ايم. سيد کي ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو. ان ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس 22 فيبروري 1941ع تي سن ۾ ٿيو. ان طرح مسلم ليگ جي هڪ سال ۾ ميمبرشپ جيڪا ڇهه هزارن مان وڌي ٽن لکن تائين پهتي ۽ پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلم ليگ جون 450 شاخون کولڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنهن ڪري سنڌ جا هندو خاص طرح ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽي، جي. ايم. سيد ۽ مسلم ليگ کان ناراض هئا. ياد رکڻ گهرجي ته سائين جي. ايم. سيد جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد ئي هو ته ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ ۾ رهي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سڌاري جا ڪم ڪجن. سنڌ جي هندو ميمبرن ۽ ڪانگريس اهو محسوس ڪيو ته جي. ايم. سيد وانگر، الله بخش سومرو پڻ مسلم ليگ ۾ نه هليو وڃي، ان ڪري سنڌ جي ڪانگريسين ۽ هندو انڊپينڊنٽ جي حمايت سان هو 7 مارچ 1941ع تي سنڌ جو ٻيهر وزيراعظم چونڊيو ويو. انهيءَ کان اڳ ۾ 23 مارچ 1940ع ۾ لاهور جي منٽو پارڪ ۽ هاڻوڪي اقبال پارڪ ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ هڪ تاريخي ميڙ سڏائي، يڪ راءِ ٿي، ٺهراءُ بحال ڪرايو، جنهن کي”قرارداد لاهور“ سڏيو وڃي ٿو. ان جو بنيادي اُصول مسلمانن جي گهڻائيءَ وارن صوبن لاءِ خود اختياريءَ جو حق وٺڻ هو. صوبن جي خو د اختياريءَ واري ڳالهه اڳتي هلي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي 1943ع واري سيشن وسيلي پاڪستان جي ٺهراءُ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. سر عبدالله هارون جي چوڻ مطابق پاڪستان جو پايو وجهندڙ ۽ قرارداد لاهور واري ٺهراءُ جا باني به سنڌ ۽ سنڌي هئا. هي ٺهراءُ بنگال جي وزيراعظم اي. ڪي فضل الحق پيش ڪيو، جنهن جي تائيد چوڌري خليق الزمان ڪئي. هي ٺهراءُ بعد ۾ ”قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان تاريخي اجلاس ۾ سنڌ طرفان جن مسلم ليگ جي نمائندن شرڪت ڪئي، انهن ۾ سائين جي. ايم. سيد، محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سر عبدالله هارون نمايان طور اسٽيج تي مٿي ويٺل هئا. لاهور جي پاڪستان واري ٺهراءُ کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد مسلم ليگ کي عوام ۾ وڌيڪ مقبول بڻائڻ لاءِ هڪ ڪتابچو ”پاڪستان جي مطالبي“ بابت پڻ ڇپرايو. 27 اپريل 1942ع تي سر عبدالله هارون اوچتو وفات ڪئي، سندس وفات کانپوءِ جي. ايم. سيد کي مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو. آڪٽوبر 1942ع تي الله بخش سومري سنڌ جي وزيراعظم پنهنجا اعزاز انگريز سرڪار کي احتجاج طور واپس ڪيا، نتيجي طور گورنر کيس عهدي تان برطرف ڪيو. ان بعد سائين جي. ايم. سيد جي تنظيمي ڪمن ۾ مصروف رهڻ سبب مسلم ليگ جي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي تمام ويجهي ۽ پياري سر غلام حسين وزارت ٺاهي. هاڻي اهو نازڪ وقت اچي چڪو هو، جڏهن انگريزن جناح کي دعوت ڏني ته هو مسلم اڪثريت واري ڪنهن صوبي منجهان پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري. تڏهن جناح صاحب اهڙي صورتحال جي آگاهي سائين جي. ايم. سيد کي ڏني، جنهن پنهنجو سياسي ۽ تاريخي ڪردار نڀائيندي، 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ بحال ڪرايو. اجلاس ۾ ڪل 60 ميمبرن مان 27 ميمبر حاضر هئا، جن مان سنڌ جي 24 ميمبرن ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي حمايت ڪئي. جي. ايم. سيد ۽ جناح جي اختلافن جي شروعات:

[huge_it_slider id=”10″]

اُن کان پوءِ 14 مئي 1943ع تي هڪ وڏو دکدائڪ واقعو ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست سياستدان الله بخش سومري کي پنهنجي شهر شڪارپور ۾ ٽانگي تي ويندي پستول جا فائر ڪري شهيد ڪيو ويو. الله بخش سومري صاحب پاڪستان بابت جي. ايم. سيد سان پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو هو، ”اهو پاڪستان جنهن لاءِ تون (جي. ايم. سيد) ڏينهن رات ڳڻتيءَ ۾ رهين ٿو، اڳتي هلي سڀ کان وڌ تنهنجي لاءِ مٿي جو سُور ثابت ٿيندو. ان مان سنڌ جي آزادي، هندستان اتحاد ۽ ايشيائي قومن جي امن ۽ ترقيءَ کي خطرو رسندو. ان بدعت جي قيام کان وري ان جي پيدا ڪيل خرابين کي دفع ڪرڻ لاءِ توکي ئي ايتري قدر جو جدوجهد ڪرڻي پوندي…..“ ان نظرياتي سياست طرف جڏهن سائين جي. ايم. سيد جو خصوصي ۽ سنجيده توجهه مُڙڻ ۽ پختو ٿيڻ شروع ٿيو ته اُن لاءِ سنڌ ۽ هند جي مسلمان ليڊرن مان گهڻن کي شهه ڏئي ويو. ان سلسلي ۾ هُن شهيد الله بخش ۽ جناح صاحب کي ملايو، پر ٺاهه نه ٿي سگهيو. شايد ائين کڻي چئجي ته اتان کان ئي جي. ايم. سيد ۽ جناح صاحب ۾ اختلافن جي شروعات ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو 16 آگسٽ 1942ع تي جناح صاحب جي گهر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جناح صاحب ڪئٽ انڊيا Quit India ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي، جنهن ۾ ڪانگريس پاران انگريزن کي هندستان خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. سائين جي. ايم. سيد جو ان مرحلي تي مؤقف هو ته ڪانگريس هندستان کي انگريزن کان آجو ڪرڻ چاهي ٿي، نه ڪي مسلمانن کان. اهڙي ٺهراءُ جي مخالفت ڪرڻ سان عالمي سامراج خلاف جدوجهد کي ڌڪ رسندو ۽ ساڳئي وقت ڪانگريس سان ٺاهه جا سڀ رستا به بند ٿي ويندا. جنهن تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو، ”آئون ڪانگريس سان ڪو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان.“ جي. ايم. سيد جي مؤقف جي راجا محمود آباد، اصفهاني ۽ نواب اسماعيل، حمايت ڪئي ۽ هنن جناح صاحب کي سمجهائڻ جي ڪوش ڪئي، پر کين به جناح صاحب ڇينڀيو، ان ڪري ان موقعي تي سائينءَ پنهنجو اختلافي نوٽ لکرايو. اهڙيءَ طرح سائين اختلافي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪندي ان جو پورو حق استعمال ڪيو.

سيد صاحب 1966ع ۾ ”بزمِ صوفياءَ سنڌ“ نالي غير سياسي ڪلچرل تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن وسيلي هن صدين جو فڪري خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي! هن تنظيم سنڌي عوام کي بي مثال سياسي تعليم ڏني ۽ اڄ جا ڪيترائي چوٽيءَ جا سياستدان ان جي پيداوار جو نتيجو آهن. هن تنظيم ۽ سنڌ ۽ سنڌي وطن دوست اديبن- خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌي عوام کي ون-يونٽ خلاف بهادرانه حوصلو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سيد صاحب کي نظربند ڪيو ويو.

سائين جي. ايم. سيد جيئن ته ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر تاريخ، سائنس ۽ فلسفي تي ڪافي ڪتاب پڙهيائين، جنهن وسيلي کيس سياسي شعور ۽ تيز فهمي حاصل ٿي. لينن مطابق ”توهان ڪميونسٽ تڏهن ٿي سگهو ٿا، جڏهن توهان جا دماغ علم جي ان سموري خزاني سان مالامال ٿين، جيڪو انسانيت اسان کي ڏنو آهي.“ بدقسمتيءَ سان سنڌ ڪانگريس ۾ جي. ايم. سيد جهڙو سچو انقلابي اڳواڻ موجود ڪونه هو. پاڻ انگريزن جا ڪٽر دشمن ۽ غلاميءَ کان سخت نفرت ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به انگريزن کان لقب ڪونه ورتائون. سنڌ جي قومي خود مختياري ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي، پنهنجي زندگيءَ جا بهترين ٽيهن کان مٿي سال جيل جون تڪليفون سهندا رهيا، سائين جي ايم سيد 25 اپريل 1995ع تي وفات ڪري ويو ۽ سندس آخري آرامگاهه پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ آهي