تفصيل؛
نوشهرو فيروز جي تعلقي محرابپور جي ڳوٺ جان محمد خاصخيلي جي ناري قزبانو خاصخيلي سان خميس جي ڏينهن مبينا طور اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي. زيادتي ڪرڻ ۾ ملوس جوابدار اويس خاصخيلي،امتياز، برڪت ۽ فرمان خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام. پوليس واقعي کي زاتي جھيڙو ڄاڻائي لئي لٽي ڪرڻ ۾ مصروف.
هوڏانهن نياڻي جي پيءُ دانهيندي چيو ته غريب هئڻ ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري ۽ ساڻن انصاف نه پيو ڪيو وڃي.
زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي ۽ ساڻس پيءٌ اهو چتاءٌ ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هو ڊي آءِ جي آفيس سامهون ڌيءُ سميت پاڻ کي باه ڏئي ساڙيندا.
بئي پاسي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ نياڻي سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
(بي بي سي سنڌي)