Sindhi Dunya

محرابپور؛ نياڻي سان اجتماعي زيادتي، نياڻي جو خود سوزي ڪرڻ جو اعلان ۽ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

تفصيل؛
نوشهرو فيروز جي تعلقي محرابپور جي ڳوٺ جان محمد خاصخيلي جي ناري قزبانو خاصخيلي سان خميس جي ڏينهن مبينا طور اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي. زيادتي ڪرڻ ۾ ملوس جوابدار اويس خاصخيلي،امتياز، برڪت ۽ فرمان خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام. پوليس واقعي کي زاتي جھيڙو ڄاڻائي لئي لٽي ڪرڻ ۾ مصروف.
هوڏانهن نياڻي جي پيءُ دانهيندي چيو ته غريب هئڻ ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري ۽ ساڻن انصاف نه پيو ڪيو وڃي.
زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي ۽ ساڻس پيءٌ اهو چتاءٌ ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هو ڊي آءِ جي آفيس سامهون ڌيءُ سميت پاڻ کي باه ڏئي ساڙيندا.
بئي پاسي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون ۽ نياڻي سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
(بي بي سي سنڌي)

Exit mobile version