Glimpses of Pakka Qila and its Present condition front

There is a fort in second largest city of Sindh. This fort has its unique history. There was a time, it was famous for its architecture and beauty, but today this fort is only left with some of its existing parts.

The gate of this fort which is still present there. The Paka Qila (Strong Fort) has its own interesting story. The fort has many stories rise and fall of different rulers. Even today, if you pass through the fort, this fort will attract you to explore many histories.

Some people told that at the time of ruler Ghulam Shah Kalhoro, a city of Khuda Abad Sindh used to be under continuous floods. That made it very hard for the people to survive over there. At last in the period of 1760 it was decided to eliminate the state of Khuda Abad and decided to establish any new capital city. They decided to establish a new Capital City at the mountain named ‘Ganj’ or Ganju’. This place was belong to fishermen community. In local language ‘Ganju’ means ‘Ghareeb Abad’ (A society of poor people). This historical village was also known as Neroon Kot in past. It has been believed that the fort on this mountain was built under the custodian of Dewan Gidumal. To accomplish the fort establishment task Mian Ghulam Shah Kalhoro provided him two ships full of resources. While development of fort, he lived there and the fort was completed in 1768. Strong cemented bricks were used in establishment of the fort and that is the reason this fort is famous with the name of Pakkah Qila. The fort was a kingdom of Ghulam Shah Kalhoro from where he used to look after his Capital City Hyderabad. After his death in 1771-72, the fall of Kalhoro Rule started. Due to massive killing of Baloch tribe leaders and due to lack of confidence, conditions became worse than before. Conditions got too worse that a war between Baloch tribe Talpurs and Kalhora’s was fought in 1782, which is known as Halani War. Talpur’s tribe command was handled by Mir Fateh Ali Khan Talpur. In the tenure of of Mir Fateh Ali Khan Talpur, Talpur regime was destroyed. After the War of Halani, Talpurs shifted back the Capital to Khuda Abad, but in same tenure due to the flood in Sindh, the capital again was shifted back to Hyderabad. In this tenure Fort was decorated with the great archaeological enhancements. New walls were built and old walls were repaired. Mir Haram was built under the regime of Mir Fateh Ali Khan Talpur, which is still present at fort. After Mir Fateh, many Talpur leaders came who continued to enhance the structure of Fort.

The Author of a Book has written about GHW Hall in this way;

            “Fort’s walls are built of bricks and stones and are too much thick. They are spread for about half-square miles and there are about 1800 residential homes. Fort has a large Tower as well, in which there are 76 stairs. There Persian styled 84 pounds four Cannons are present. From the history many references has been found that the Fort in past was full of Gardens, Palaces, Courts and other different buildings. The fort which was spread on 33 Acres was not less than any kind of miracle. The fall of this Fort started in 1843, when a war between British Forces under the command of Charles Napier and Talpurs was fought. Britishers conquered the battle and ruled Sindh. During war, fort was greatly damaged. British army did too much merciless and they made it possible to damage most of buildings. Those buildings which were left behind, British Forces used them for office purposes. A nearby space of Gate was turned to be a museum later on. Towers presented inside the Forts were also destroyed so that these towers should not be used in any kind of rebellion in near future.

After the war of Independence in 1947, Fort was given on temporary basis to the immigrants who came from India after partition. There was a very big issue to rule over the fort from people and illegal construction became a very big problem. In 1990’s after many efforts taken by the Government, people were not ready to leave the place. Today living inside the fort is not less than any kind of danger. There is no such drainage system there and due to that fort is getting more than worse day by day. Originally fort was egg-shaped but now only a small part of the fort is in the real condition. One of its gate open towards Shahi Bazar. On some distance from there at the left side there is Mir Haram. Just beside Mir Haram there is a big building there, which was in use of Talpurs, which afterwards was converted to Museum. There is a calligraphy on the walls and picture gallery has been placed out there. These pictures and calligraphy are of ancient times and due to that, they are almost been destroyed.”

It has been believed that by the time many of ancient accessories has been stolen as well as money was also robbed by Department of History and Culture.

There is one office building near to Mir Haram, which is in the use of Government today. At the left side of Mir Haram, there is a big wooden Gate with Iron-made sharp rods installed on it. In fort there is one another uniqueness which is still present but most of people don’t know about that and that you can find after passing through some congested streets of Fort, there is one Gate and just near to that gate there are some stairs, where a grave and some tunnels are present.

It is an unfortunate of Sindh and Pakistan that the historical fort has reached to such condition and its walls are falling slowly and gradually, while people are still living inside and nearby to the Fort. The Fort is almost come to an end and it is very difficult to bring it to its actual condition but atleast whatever is left behind, we should protect that. Otherwise, yet another historical place come to an end and it will only be founded in the pages of books and in the Website of Sindhi Dunya.

پڪي قلعي جون يادگيريون ۽ ان جي موجوده حالت

سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي بلڪل وچ ۾ عظيم قلعو واقع آهي. ڪڏهن ته هن جي شان ۽ شوڪت جا چرچا هر جڳه تي هلندا هيا، اڄ هن شان ۽ شوڪت واري قلعي جا صرف ڪجھ حصا باقي بچيا آهن. هتي هڪ ديو هيڪل دروازو اڃا به موجود آهي. پڪي قلعي جي ڪهاڻي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مختلف حڪمرانن جي عروج ۽ زوال جون داستانون موجود آهن. قلعي جون يادگيريون اڃا به هن جي شاندار ماضي کان وٺي هن جي موجوده حالت جي ڪهاڻي بيان ڪندي نظر اچي ٿي. چيو وڃي ٿو ته خداآباد ۾ مسلسل اچڻ واريون ٻوڏون سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو کي تنگ ڪري ڇڏيو هيو. نيٺ  1760 جي ڏهائي جي آخر ۾ انهن خداآباد کي خداحافظ چيو، ۽ پنهنجو گاڌيءَ جو هنڌ ڪنهن نئي دريا ۾ وسائڻ جو ارادو ڪيو. انهن نئون  گاڌيءَ جو هنڌ گنج يا گنجو نالي هڪ جبل تي قائم مڇيرن جي هڪ قديم ڳوٺ جي کنڊر تي رهڻ جو ارادو ڪيو. مقامي زبان ۾ گنجو جي معني غيرآباد آهي. هن قديم ڳوٺ کي ڪڏهن نيرون ڪوٽ به چيو ويندو هيو. چيو وڃي ٿو ته جبل تي قائم هن قلعي جي تعميرديوان گدومل جي نگراني هيٺ ٿي ڇو جو هي هڪ قابل درباري هيو. ان ڪم جي لاءِ هن کي ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جي طرفان ٻن ٻيڙين ۾ ڀريل سرمايو ڏنو ويو. هو ان جي تعمير دوران اتي ئي رهيو، جيڪو 1768 مڪمل ٿيو. هن عظيم قلعي جي تعمير ۾ پڪين سرن جو استعمال ڪيو ويو جنهن جي لاءِ هن کي سنڌيءَ ۾ پڪو قلعو چيو ويندو آهي، هي قلعو غلام شاھ ڪلهوڙو جو تخت هيو جٿان هو پنهنجي نئي گاڌيءَ واري هنڌ حيدرآباد جو منظر ڏسي سگهي پيو. صرف ڪجھ سالن کانپوءِ 1771-72 ۾ هن جي اچانڪ وفات کانپوءِ ڪلهوڙا دور جو زوال شروع ٿي ويو. بلوچ سردارن جو قتل ۽ عدم اعتماد جي فضا ڦهيلجڻ سبب حالات ايترا ته خراب ٿي ويا جو هڪ بلوچ قبيلي ٽالپر ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ 1782 ۾ هالاڻي جي جنگ وڙهي. ٽالپرن جي قيادت مير فتح علي خان ٽالپر ڪئي هئي ۽ ان جي هي قيادت ۾ ڪلهوڙو دور جو خاتمو ٿيو. هالاڻي جنگ کانپوءِ  ٽالپرن گاڌيءَ وارو هنڌ خداآباد کي واپس منتقل ڪيو پر مير فتح علي خان ٽالپور جي حڪومت جي دور ۾ هي دريا سنڌ جي تبديل ٿيندي وهڪري جي سبب گاڌيءَ وارو هنڌ واپس حيدرآباد هي منتقل ڪيو ويو. انهيءَ حڪومت جي دور ۾ قلعي شان ۽ عظمت جون بلنديون ڏٺيون. نيون عمارتون تعمير ڪرايون ويون، پراڻين عمارتن کي مرمت ڪرائي وئي. ميرحرم جيڪو اڄ به موجود آهي، مير فتح جي دور ۾ قائم ڪيو ويو هيو. ان کانپوءِ اچڻ ورا ٽالپر حڪمرانن به قلعي جي ڪيترين ئي عمارتن ۽ ڊانچن ۾ اضافو ڪيو.  

  هڪ ڪتاب ۾ مصنف جي ايڇ ڊبليو هال قلعي جي باري ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو. قلعي جون ڀتيون سرن ۽ پٿرن سان ٺهيل آهن ۽ تمام گهڻيون موٽيون آهن. هي تقريبن اڌ اسڪوائر ميل تي ڦهليل آهي ۽ هن ۾ 1800 جي قريب رهائشي گهر آهن. هن جي اندر هڪ وڏو مينار به آهي جنهن ۾ مٿي تائين پهچڻ لاءِ 76 ڏاڪڻيون آهن، جٿي فارسي قسم جون 84 پائونڊ واريون چار توپون به موجود آهن. تاريخن ۾ ملي ٿو ته هي قلعو ڪڏهن باغن، وڏن محلن، دربارن ۽ ٻيون خوبصورت تعميرات سان ڀريل هيو. 33 ايڪڙن تي قائم هي قلعو ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه هيو پر هن جي زوال جو دور 1843 ۾ شروع ٿيو. جڏهن چارلس نيپيئر جي سربراهي ۾ برطانيا فوج ۽ مير ٽالپرن جي درميان جنگ ٿي. جنگ ۾ برطانيا کي فتح به جاصل ٿي ۽ سنڌ جي حڪمراني به ڪئي. جنگ جي دوران قلعي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. برطانيا جي فوج هن معاملي ۾ وڏي بي رحم هئي۽ انهن ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ته گهڻي قدر عمارتن کي ڪيرائي يا ڀڃي ڇڏجي، باقي جيڪي عمارتون بچي ويون اهي برطانيا جي آفيسرن جي لاءِ آفيسن طور ڪم آنديون ويون. دروازي جي قريب واري حصي کي بعد ۾ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو. قلعي ۾ قائم مينارن کي به ڪيرايو ويو ته جيئن بعد ۾ ٿيڻ واري ڪنهن به بغاوت ۾ ان کي استعمال نه ڪيو وڃي. 1947 ۾ آزاديءَ کانپوءِ هندستان مان مهاجرين جي وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ جي سبب ذميدارن قلعي کي عارضي طور لاءِ ڪيمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ماڻهن جي طرفان قلعي تي قبضو ۽ غير قانوني تعميرن جو به هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي. حڪومت جي طرفان 90 جي ڏهائي ۾ ڪوششن جي باوجود ماڻهو هن جڳھ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. جيئن ته هاڻي هن ۾ رهڻ ڪنهن به خطري کان خالي نه آهي. پاڻي جي نيڪالي جو به ڪوئي خاص انتظام نه آهي جنهن جي ڪري هي ڏينهون ڏينهن خراب حالتن ۾ تبديل ٿيندو ٿو وڃي. قلعو اصل ۾ بيضي جهڙي شڪل ۾ هيو هاڻي هن جو گهٽ حصو هي پنهنجي اصل حالت ۾ برقرار آهي. هن جو اولھ وارو دروازو شاهي بازار جي طرفان کلندو آهي. ٿورو اڳتي هلجي ۽ کاٻي طرف مڙجي ته ڪجھ قدمن کانپوءِ مير حرم آهي. هن سان گڏ هي هڪ وڏي عمارت آهي جيڪا ڪڏهن ٽالپرن جي استعمال ۾ هوندي هئي ۽ بعد ۾ هن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو. ڀت جي مٿان تصويرون ۽ لکائي به ڪئي وئي آهي جيڪي گهڻن سالن جي هئڻ ڪري تقريبن مٽجي ويون آهن.    چيو ٿو وڃي ته وقت سان گڏو گڏ ميوزيم مان قديم شيون چوريون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته آثار قديما جي کاتي جو ڪيش به چوري ٿيو آهي. مير حرم جي سامهون هڪ آفيس بلڊنگ آهي جيڪا هاڻي حڪومت جي استعمال ۾آهي. مير حرم  سان گڏ کاٻي طرف ڪاٺي جو هڪ وڏو دروازو آهي هن پوري دروازي تي لوھ جي شيخون جڙيل آهن. قلعي جي باقي رهڻ واري تعميرن ۾ هڪ اهڙي شيءِ به آهي جنهن جي باري ۾ گهٽ هي ماڻهن کي خبر آهي. هي قلعي جي اوڀر طرف ڪجھ سوڙهين گهٽين جي گذرڻ کانپوءِ هڪ دروازو موجود آهي ۽ هن جي سامهون ڪجھ ڏاڪڻيون آهن هتي هڪ قبر موجود آهي ۽ ڪجھ سرنگون به آهن.

اها اسان سنڌ ۽ پاڪستان جي وڏي بدقسمتي آهي جو هڪ تاريخي عمارت هن حالت ۾ پهچي وئي آهي هن جون ڀتيون  آهستا آهستا ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ماڻهون هن جي اندر ۽ هن جي آڏو اڃا به ماڻهون رهي رهيا آهن. هاڻي هي بلڪل تباھ ٿي چڪو آهي هن کي واپس اصل حالت ۾  کڻي اچڻ ڏاڍو مشڪل آهي پر جيڪو بچيل آهي هن کي بچائڻ جي ضرور ڪوشش ڪرڻ گهرجي نه ته هڪ ٻيو قديم ورثو هستي کان ختم ٿي ويندو صرف ڪتابن جي صفحن تائين محدود رهجي ويندو