ڪراچيءَ کان 450 ڪلو ميٽر اترندي پاسي دادو کان هڪ سو 100 ڪلو ميٽر اولهندي پاسي هڪ خوبصورت جڳهه گورک هل اسٽيشن آهي. سطح سمنڊ کان 5688 فوٽ بلندي هجڻ جي وجهه سان هتي درجه حرارت (گرمي جو پد)17 سينٽي گريڊ ۽ جنوري ۾ منفي 5 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. هتي مٺي پاڻي جا چشما ۽ آبشار موجود آهن منظر ماحول ۽ هوا جي حوالي سان هن کي سنڌ جو مري چيو ويندو آهي. پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ مان با آساني ٽرين يا بس جي ذريعي پهچي سگهجي ٿو. دادو کان جوهي روڊ جي رستي جنهن جو فاصلو 94 ڪلو ميٽر آهي جڏهن ته سيوهڻ شريف کان 140 ڪلو ميٽر جي آهي. هتي الپائن (Alpine)، فلورا (Flora)، فونا (Fauna)، جا ٻوٽا به آهن .کيرتهر پهاڙن ۾ سڀ کان مٿي جيڪو جبل آهي اهو 7056  فوٽ آهي. جيڪي ماڻهو سنڌ جي هن خوبصورت جبل جو صرف نالو ئي ٻڌندا آيا آهن انهن لاءِ خوشخبري آهي ته اتي جي پهچڻ لاءِ رستو پڻ تيار ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي جڏهن چاهيو دادو کان صرف 3 ڪلاڪن جي مفاصلي تي سمنڊ کان ساڍا 5 هزار فوٽ هن جبل تي باآساني وڃي سگهو ٿا. پهريان هن جڳهه تي پهچڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو پر هاڻي هيلي ڪاپٽر جي سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ وڃڻ تمام گهڻو آسان ٿي ويو آهي. بس اڏن تي صبح جو ناشتي ۾  حلوو، پوريون، ۽ چانهه کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هي شهر صديون پهرين هڪ زمين داردادن شاهه ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو هاڻي آهستي آهستي هڪ خوبصورت شهر جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. وڏا روڊن تي مکين ۽ مڇرن وانگي هلندڙ موٽر سائڪلون ۽ رڪشا ماڻهن کي ڏسندي ئي ڪڪ هڻڻ شروع ڪندا آهن. ننڍيون ننڍيون پر ڀريل بازارون ۾ رات ڪنهن خوشبوءَ جي طرح مهڪندي آهي. ۽ سياح (گهمڻ وارا) سنڌ جي هن قديم جڳهه جي مٺڙي ٻولي سنڌي ماڻهن وچ ۾ گهمندا رهندا آهن. بازارن ۾ ئي رهائش لاءِ هوٽل ملي ويندا آهن. برصغير ۾  گورک هل اسٽيشن 3 نمبر تي پر فضا سياحتي مرڪز آهي. هتي جنوري ۾ برفباري پڻ ٿيندي آهي. هتي جا ماڻهو تمام پياا ۽ مهمان نواز هوندا آهن.

[huge_it_slider id=”2″]