Govt. rejects OGRA’s summary

The federal government has rejected the Oil and Gas Regulatory Authority (OGRA)’s summary related to the increase of petrol prices and decided to maintain the prices of petrol. OGRA had recommended to increase the petrol prices by 5.80 per liter from 1st June. However, sources say that the federal government has decided to avoid the potential public reaction against recent increase in food prices and give relief to the users in the month of Ramadan.


 

حڪومت جو پيٽرول جي مصنوعات جي قيمتن کي برقرار رکڻ جو فيصلو 

لاھور: وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي متعلق اوگرا جي  سمري مسترد ڪري ڇڏي ۽ پيٽرول جي قيمتن کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

اوگرا پھرين جُونِ کان في ليٽر پنج رپيا اَسِي پيسن جي سفارش ڪئي ھئي. ذريعن جو چوڻ آھي ته وفاقي حڪومت بجليءَ جي  شديد لوڊشيڊنگ سميت گيس جي قيمتن ۾ اضافو ۽ خصوصي طور تي رمضان جي دوران کائڻ پيئڻ جي شين جي  قيمتن ۾ حاليه اضافي جي خلاف ممڪنه عوام جي رد عمل کان بچڻ جي لاءِ ھي فيصلو ورتو ويو آھي.