Successful talks between Sindh Government and Martyrs Committee

سنڌ حڪومت ۽ شهداءُ ڪميٽي جي وفد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، شهداءُ ڪميٽي 37 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، حڪومت شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ سميت 22 مطالبا مڃي ورتا، شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ جو به اعلان، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهداءُ ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت شڪارپور سانحي جي متاثرن سان گڏ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ان موقعي تي شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو ته شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايو ويندو ۽ جاچ ٽيم به جوڙي ويندي، شڪارپور ۾ ايپڪس ڪميٽي جي نگراني هيٺ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪيو ويندو، شهيدن جي وارثن مان هڪ ڀاتي کي نوڪري ڏني ويندي، جيڪي سانحي ۾ معذور ٿي ويا انهن کي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وينديون، ان موقعي تي شهداءُ ڪميٽي جي سربراهه علامه مقصود ڊومڪي جو چوڻ هو ته اسان جي تحريڪ جمهوري حڪومت خلاف نه پر دهشتگردي خلاف هئي، علامه مقصود ڊومڪي حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو