Gundapur willingly gave his arrest after consultation with Imran

The police is available to arrest the leader of Pakistan Tehreek –e- Insaaf and provincial minister Ali Amin Gundapur at his home in the accused of rigging election in KPK while he was denying to be arrest. The telephonic conversation has been made between Chairman Pakistan Tehreek-e-Insaf Imran Khan and him. Ali Amin Gundapur is willing to be arrest after this conversation. Sources said that it was told by PTI Chairman Imran Khan that there is no politics in KPK police and they are empowered to work according to the law in the province.


علي امين گنڊاپور جي عمران خان سان ڳالھ ٻولھ، گرفتاري ڏيڻ جي لاءِ راضي

پشاور: خيبرپختونخوا انتخابات ۾ مبينه ڌانڌلي ڪرڻ جي الزام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي رھنماء ۽ صوبائي وزيرِ مال علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ پوليس ان جي گھر موجود آھي جڏھن ته علي امين جي طرفان گرفتاري ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي. علي امين گنڊاپور جي  طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته انھن جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آھي، ان رابطي کان پوءِ علي امين پوليس کي پنھنجي گرفتاري ڏيڻ جي لاءِ آماده ٿي ويا آھن. ذريعن جو وڌيڪ اھو چوڻ آھي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي طرفان چيو ويو آھي ته خيبرپختونخوا جي پوليس ۾ ڪا  به سياست نه آھي ۽ ھُو صوبي ۾ قانون جي مطابق ڪم ڪرڻ جي لاءِ با اختيار آھي.