Hazrat Abdullah Shah Ghazi RA

ولادت

هه 98 ۾ حضرت سيد محمد نفس ذڪيه جي گهر ۾ اسلام جي هڪ بزرگ مدينه منوره ۾ اک کولي. اهو هو حضرت عبدالله شاهه غازي رحمته الله عليه. پاڻ حسني حسيني سيد آهن. هي پاڻ جي شجري مان ثابت ٿيو آهي

شجرو

حضرت عبدالله شاهه عازي جي شجري مبارڪ تي جيڪڏهن نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت عبدالله شاهه غازي تمام وڏي هستين مان هڪ آهي. پاڻ آهن سيد ابو محمد عبدالله الاستر(عبدالله شاهه غازي رحمته الله عليه) بن سيد محمد ذوالنفس الزڪيه بن سيد عبدالله المحض بن سيد مثنيٰ بن سيدنا حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه جن حضرت سيدنا اميرالمومنين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجهه الڪريم. حضرت سيدنا حسن مثنيٰ جي شادي حضرت سيده فاطمه صغريٰ بنت سيدنا حضرت امام حسين سان ٿي ان جي ڪري ئي پاڻ حسني حسيني سيد آهن

تعليم

تحقيقات مان خبر ٿي پوي ته پاڻ جي تعليم و تربيت پنهنجي والد محترم جي زير نظر مدينه منوره ۾ ئي ٿي. پاڻ کي حديث تي عبور حاصل هو ۽ ڪجهه لکڻ وارن ته محدث به لکيو آهي

سنڌ ۾ اچڻ

بنواميه جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي جڏهن 138هه ۾ پاڻ سائين جن جي والد صاحب مدينه منوره مان علوي خلافت جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت ابراهيم بن عبدالله کي ان مقصد ۾ بصره روانو ڪيو ان زماني ۾ سيدن سان انتهائي سخت رويو رکيو ويو هو. ان ظلم جا ڪافي واقعا مشهور آهن جنهن ۾ حضرت بن ابراهيم جو واقعو خاص طور تي مشهور آهي. جڏهن پاڻ کي انتهائي بيدرديءَ سان زنده ديوار ۾ دفن ڪيو ويو. اها ديوار اڄ به بغداد ۾ مشهور آهي حضرت بن ابراهيم انتهائي متاثر ڪندڙ ۽ حسين هو. جنهن جي ڪري پاڻ جو لقب ديباج مشهور ٿيو. عبدالله شاهه غازي رحمته الله عليه جي والد صاحب پاڻ سائين جن کي ۽ ڀاءُ حضرت ابراهيم وٽ بصره موڪليو ۽ پاڻ اتان ٿيندي سنڌ جي طرف روانه ٿيا. ابن ڪثير تاريخ الڪامل جلد نمبر 5 ۾ لکيو آهي ته پاڻ خليفه منصور جي دور ۾ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا. تحفته الڪريم جي مصنف شيخ ابو تراب پاڻ سائين جن جي سنڌ ۾ موجودگي خليفه هارون رشيد جي دور سان ڪئي آهي.

[huge_it_slider id=”11″]
پاڻ جي سنڌ اچڻ تي ٻن قسمن جا بين تاريخ ۾ ثابت آهن. هڪ ته پاڻ تبليغ اسلام جي لاءِ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ٻيو ته پاڻ تاجر جي روپ ۾ آيا هئا. تاجر ان جي لاءِ چيو ويو آهي ته پاڻ جڏهن سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ ڪافي گهوڙا به ڪاهي آيا هئا. پاڻ هي گهوڙا گهٽ ۾ گهٽ 20 مريدن سان گڏ ڪوفي مان خريد ڪيا هئا. پاڻ سائين جن آمد تي هتي جي مقامي ماڻهن پاڻ سائين جن کي خوش آمديد ڪيو ۽ سيدن جي هڪ شخص کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي ڪري تمام عزت ۽ احترام جو اظهار ڪيو. پاڻ سائين 12 سالن تائين اسلام جي تبليغ ۾ مصروف هيا ۽ مقامي ماڻهن جي آبادي ۾ سوين ماڻهن کي مسلمان ڪيائون.
هي ته آهي ڪهاڻي ظاهري حالاتن جي جنهن کي تاريخ الڪامل لابن الشتر ۽ ابن خلدون، طبري وغيره ۾ قلمبند ڪيو آهي. پر هڪ عظيم هستي جيڪو حسني حسيني سيد آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي اولاد آهي. هڪ زمانو ڪڏهن کان ان جي فيض حاصل ڪري رهيو آهي. انهن جي باطني زندگيءَ تي اڄ تائين ڪنهن به ڪجهه نه لکيو آهي. شايد ان ڪري جو ان جو تحريرون ڪنهن وٽ دستياب نه آهن ۽ شايد ته هو تمام پهرئين جي اولياهه ڪرام مان آهن. شهادت ته ان جي ابن ڏاڏن کان هلندي اچي ٿي. حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم کان وٺي غازي شاهه رحمته الله عليه جي والد ۽ چاچو شهيد ٿيو. ۽ پاڻ به شهادت جو رتبو ماڻيو. پنهنجي جان کان وڌيڪ ڪهڙي قيمتي شيءِ آهي جيڪا الله تعالي جي راهه ۾ قربان ڪري سگهجي. ته هو شهيد آهي پر ڇا ڪنهن لکيو آهي ته هو شهيد به آهن. جڏهن هو حق ٿي چڪو هو ته هو راح حق ۾ شهيد ٿيو.