ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو ضلعي خيرپور ميرس کان ڏکڻ طرف ويهن ڪلوميٽرن تي اتر اوڀر قومي شاهراه تي ٽڪريءَ تي واقع آهي. هي قلعو، جنهن جي ڊيگهه 5 فوٽ، ويڪر 3 فوٽ ۽ اوچائي زمين کان 70 فوٽ آهي، اها ٽڪري وارياسي چن جي پٿر جي ٺهيل آهي. قلعو ان ٽڪري جي ڇاڙ تي اڏيل آهي. ڪوٽ جي اڏاوت ٿر، جوڌپور ۽ جيسلمير جي ڏڪار جي ستايل ماڻهن صرف هر روز جوئر جي هڪ پاٽيءَ جي عيوض ڪئي. غريب ماڻهن جي رت ۽ پگهر سان ٺهيل هي قلعو 1797ع ۾ مير سهراب خان جي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگراني هيٺ جڙي راس ٿيو.
هي قلعو خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي مقصدن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. هڪ ”نواب“ جي نگراني هيٺ 500 سپاهين جو دستو 100 توپن سميت تعينات ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو گهاٽي واڌي سان سن 1843ع تائين جاري رهيو. رياست خيرپور جو انگريزن جو طفيلي بنجڻ بعد مير علي مراد خان هن قلعي کي ”جيل خاني“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن قلعي جي اهميت ۽ حيثيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سرچارلس نيپئر ۽ مير علي مراد خان جو قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ تي وڏو تڪرار هليو ۽ قلعي جي ٻاهران ”فيص باغ“ جي نالي سان هڪ سهڻو باغيچو رکرايو ويو هو، جنهن ۾ ئي مير صاحب ٻاهران آيل مهمانن سان ملاقات ڪندو هو ۽ قلعه اندر کين وٺي ئي ڪونه ويندا هئا.
فتح ٺل ۽ صفن صفا برج واري ميدان ۾ ڪوٽ جي اولهه ڪنڊ تي ٻارنهن فوٽ گھرائي، ستٽيهه فوٽ ڊيگهه، ويهه فوٽ ويڪر سان حوض نما کڏ آهي. جيڪا ڪنهن وقت ڍڪيل هئي. هن حوض کي اتر ۽ ڏکڻ پاسي ڪوٽ کان ٻاهرين کوهن کان علاوه مکيه دروازي واري کوهه جي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. هي حوض ڪوٽ اندر مٿيئن حصي ۾ رهندڙن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ڪم ايندو هو. جڏهن ته ضرورت آهر باقي استعمال لاءِ به هي پاڻي به ڪتب ايندو هو. شاهي دراوزي وٽ موجوده کوهه مان به ڪوٽ ۾ رهندڙن جي ضرورت پوري ڪئي ويندي هئي. ميرن پورچوگيزن کان 90 کن توپون خريد ڪيون هيون. انگريزن کان به هٿيار ورتا ويندا هئا. توپن جي گولن ۽ بارود رکڻ لاءِ ڪوٽ جي ٽئين ۽ آخري دروازي جي بلڪل سامهون اولهه طرف ٻاهرين ديوار ۾ غلام گردش سان گڏ ميدان ۾ بنا ڇت جي ڪمرا استعمال ڪيا ويندا هئا. ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ اوڀر ڏکڻ طرف ديوار جي وچ تي ميرن جي رهائشگاهه ۽ حرم موجود آهن.
قلعي جي هيٺان قديم ۽ ڦٽل شهر جا نشان آهن. آثارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو ٽڪريءَ مٿان ۽ ٻيو حصو ٽڪري جي اوڀر طرف لاهين تي آهي مٿيون حصو شهر پناهه جي اندر اچي ٿو ۽ هيٺيون حصو شهر پناهه کان ٻاهر اڏيل آهي. مٿيون حصو ٻاهرين زمين جي سطح کان اٽڪل چاليهه فوٽ اوچو آهي. اهو حصو اوڀر کان اولهه طرف ڇهه سئو فوٽ ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف چار سئو فوٽ ويڪرو آهي.
ڪوٽ اڀ ڪپرن تي هئڻ سبب لشڪر جو مٿي اچڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن اتفاقاًڪو ماڻهو ديوار تائين رسد ڪري ته به خطرو لاحق بڻجي پوي. ڪوٽ جي بيهڪ اهڙي آهي جيڪڏهن ڪو توپ جو گولو هڻڻ چاهي ته به گولو اندر ڪرڻ مشڪل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڪيترائي سال لڳا، ڇاڪاڻ ته فوجي دفاعي پسمنظر کي سامهون رکي اڏاوت تي سپاهين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. هڪ سپاهه سالار جي هيٺ پنج سئو سپاهين جو جٿو ۽ سئو جي لڳ ڀڳ توپون برجن تي نصب ٿيل هيون. قلعي جي رهائشي علائقي تائين پهچڻ لاءِ ٽن وڏن دروازن کان گذري اچڻو پوي ٿو. اِهي ٽئي دروازا نهايت مضبوط ڪاٺ جا ٺهيل آهن قلعي جو نالو احمد آباد رکيو ويو. هي سڄو ڪوٽ سنهين ۽ پڪين سرن جو ٺهيل آهي. ڪجهه جاين تي پٿر به استعمال ڪيو ويو آهي. ستر فوٽ بلند هن ڪوٽ جي اڏاوت لاءِ ۽ بچاءُ بنديءَ خاطر ٽي دفاعي لائينو ڏنيون ويون آهن. ٻيو ته ڪوٽ هيٺ کان مٿي اڀو ٿيندو، سوڙهي شڪل اختيار ڪري ٿو، دروازي پار ڪرڻ کان پوءِ اندر بيضي جي اڌ جھڙو سپاهين جي رهڻ لاءِ جايون ۽ حملي آور کي روڪڻ لاءِ مضبوط مورچا آهن.
هاٿين جي حملي کان بچاءَ لاءِ ٿلها نوڪدار لوها ڪِلَ پڻ لڳل آهن. پهريون ۽ مکيه دروازو 15 فوٽ 9 انچ ڊگهو ۽ 10 فوٽ وڪيرو آهي، منجهس 234 لوها ڪل لڳل آهن ۽ دروازي مٿان چڙهڻ لاءِ پاسي کان هڪ ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي، جنهن کي 39 ڏاڪا آهن. ان بعد هڪ وڏي چاڙهي چڙهي موڙ ڪاٽي مٿي اچبو ته ٻيو وڏو دروازو آهي. هن کي 208 لوها ڪل لڳل آهن ۽ سندس اوچائي 13 فوٽ آهي. پاسي واري ڏاڪڻ کي 30 ڏاڪا اٿس. اهو دروازو پار ڪري ٿورو اڳڀرو هلبو ته قلعي جو ٽيون ۽ آخري دروازو آهي. هن کي 177 لوها ڪل لڳل آهن. دروازي ٻاهران ساڄي پاسي توپن جي گولن رکڻ جون جايون ٺهيل آهن، جن کي سنهيون لوهيون ڄاريون ڏنل آهن. توپ گولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد اتي موجود هو، مگر ”سچل سيمينار“ (1982ع) جي موقعي تي گولا ٻاهر ڪڍيا ويا ته وري واپس ڪونه آندائون.

قلعي جي چوڌاري برج ٺهيل آهن. برجن جي مٿان توپن ۽ بندوقن لاءِ مارا ٺهيل آهن. اهڙي نموني برجن تي توپون رکيل آهن جو هر طرف آسانيءَ سان گهمائي ۽ ڦيرائي سگهجن ٿيون. ڪوٽ ۾ اهڙا گهٽ ۾ گهٽ پنجٽيهه کن برج آهن. اسان هر برج کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا. جيڪي جنگ حڪمت عمليءَ جو شاندار مثال آهن. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه شاهي برج به موجود آهن. جنهن ڪري سڄو ڪوٽ خوبصورت بڻجي پيو آهي. ان تي بيهي ڪوٽ جي هر حصي تي آسانيءَ سان نظر رکي سگهجي ٿي. جڏهن ته ٺل جي هيٺان سرنگ نما گذرگاهه مان آرام سان گذري سگهجي ٿو. اولهائين پاسي جي آخري ڪنڊ تي ويڪرو صفن صفا، ملڪ ميدان برج، ڪوٽ جي اوڀر ۾ جيسلمير برج، اتر پاسي آخري ڇيڙي ۾ مريم برج ۽ ٻيا اهڙا برج، قلعي جي حفاظت لاءِ اهم مورچا آهن. ڪوٽ اندر کليل ميدان ۾ خيما هڻي، فوج کي پڻ رکيو ويندو هو. لڙائي کان سواءِ امن واري حالت ۾ به مير اچي هتي ترسندا هئا. جيئن مير سهراب خان وفات کان اڳ حڪومت پٽ حوالي ڪري قلعي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. حرم جي ٻاهران کليل ميدان جي وچ ۾ ٿلهي کي ڪچهرين ۽ ٻين محفلن لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. ڪوٽ جي آخري ڇيڙي جيسلمير برج جي ڀرسان سرن جي ٿلهي کان ٻه فوٽ کن مٿي سهڻي گلڪاريءَ سان تخت نظر اچي ٿو. جتي مير ڪنهن خاص ڏينهن تي درٻار لڳائيندا هئا
ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ حرم سامهون هڪڙي بئرڪ آهي. روشني، هوا لاءِ سورخن هوندي اهو اونداهو ڪمرو جنم ٽيپ ۽ عمر قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ جيل خاني طور تي استعمال ڪيو ويندو هو. اهو به تاريخ جو وڏو اتفاق آهي ته هن قلعي ۾ ڪابه جنگ نه ٿي آهي، ان ڪري به هن قلعي کي ڪنوارو قلعو چيو ويندو آهي

Kot Deji (1) Kot Deji (2) Kot Deji (3) Kot Deji (4) Kot Deji (5)