I am not a successful actor, Nawaz Uddin Siddiqui

Bollywood actor Nawaz Uddin Siddiqui says that neither he consider himself a successful actor nor will himself include to the list of successful actors. Nawaz Uddin Siddiqui recently released film Bajirangi Bhai Jan was successful at box office and his acting was liked so much in this film. Nawaz Uddin Siddiqui is considered to be a big actor after success of Bajrangi Bhai Jan film. He said an interview that he still consider himself a small actor but the attitude of people have quite changed from him. However, the actor Nawaz Uddin Siddiqui this time will appear without Salman Khan and Shah Rukh Khan in the main role in his upcoming movie Manjhi the Mountain Man. Nawaz Uddin Siddiqui regardin the film Manjhi said that this is the most difficult character of his career so far. The film Manjhi the Mountain Man directed by Ketan Mehta will be released on August 21.


ڪامياب اداڪار نه آهيان، نوازالدين صديقي 

بولي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي جو چوڻ آهي ته هو پاڻ کي هڪ ڪامياب اداڪار نه ٿو سمجهي ۽ نه هي ڪامياب اداڪارن جي فهرست ۾ پاڻ کي شامل ڪندو. نوازالدين صديقي جي حال ۾ ريليز فلم بجرنگي ڀائي جان باڪس آفيس تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن ۾ ان جي اداڪاري کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. فلم بجرنگي ڀائي جان جي ڪاميابي کانپوءِ نوازالدين صديقي وڏي اداڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي پر هڪ انٽرويو ۾ ان جو چوڻ هيو ته هو اڄ به پاڻ کي هڪ ننڍو اداڪار ئي سمجهي ٿو پر ماڻهن جو رويو ان سان ڪافي تبديل ٿي ويو آهي. هن دفعي نوازالدين صديقي سلمان خان ۽ شاھ رخ خان جي بغير پنهنجي  اچڻ واري فلم منجهي دي مائونٽين مين ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي ڏٺو ويندو. نوازالدين صديقي جو فلم منجهي جي حوالي سان چوڻ هيو ته هي ان جي ڪيريئر جو سڀ کان مشڪل ڪردار آهي. ڪيتن مهتا جي هدايت ۾ ٺهڻ واري فلم منجهي دي مائونتين مين 21 آگسٽ جو ريليز ڪئي ويندي