Interesting fact why smartphones slow down after some time

Mobile users are often complaining that their phone begins to slow down after some time and after that it becomes unbearable slow and some people buy a new phone to get rid of this trouble. Is it any coincidence that your smartphone begins to slow down after some time? Technology experts revealed that it is not coincidence but it is cleverness of mobile phone companies that force the customers to buy new phone. One example has been given in a report that Apple introduces new version of its operating system ios in the autumn each year and after that the new iPhone’s rate of buying is growing. Technology experts says that the companies are designed phone and operating system in such a way that after some time it begins to slow down and it is told to the users, new operating system should be used for new updates and then it is also told that the new operating system will excellent work on the new model of mobile phone. The users always remain stuck in new operating system and new mobile phone. Experts says that apart from Apple, other mobile companies are also used same tactics and forced the customers to buy new mobile phones after every two years.


 

ڪجھ عرصو سمارٽ فون استعمال ڪرڻ کان پوءِ انھن جي رفتار گھٽ ڇو ٿي ويندي آھي؟

نيويارڪ: اڪثر موبائل فونز جي صارفين کي ھيءَ شڪايت ڪندي ٻڌو ويو آھي ته انھن جو فون  ڪجھ وقت کان پوءِ سست ٿيڻ شروع ٿي ويندو آھي ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ هي ناقابلِ برداشت حد تائين سست ٿي ويندا آھن ۽ ڪجھ ته ان مشڪل کان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ نئون فون ئي خريد ڪري ڇڏيندا آھن. ڇا اھو صرف ھڪ اتفاق آھي ته سمارٽ فون صرف ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ئي سست ٿي ويندو آھي؟ ٽيڪنالاجي ماھرين انڪشاف ڪيو آھي ته اھو ڪو اتفاق نه آھي پر موبائل فون ٺاھڻ وارن ڪمپنين جي چالاڪي آھي، جيڪا صارفين کي نئين نئين فون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آھي. جريدي ”ھفنگٽن پوسٽ“ ۾ شايع ٿيڻ واري ھڪ رپورٽ ۾ ايپل ڪمپنيءَ جي مثال بيان ڪئي وئي آھي، جيڪو ھر سال خزان جي موسم ۾ پنھنجي آپريٽنگ سسٽم آئي او ايس جو نئون ورجن متعارف ڪرائيندي آھي ۽ عموماۡ ڏٺو ويو آھي ته آئي فون جي خريد ڪرڻ جي شرح به اضافي ھوندي آھي. ٽيڪنالاجي ماھرين جو چوڻ آھي ته ڪمپنيون پنھنجا فون ۽ آپريٽنگ سسسٽم  کي اھڙي طرح ڊيزائن ڪندا آھن ته ڪجھ عرصي کان پوءِ سست ٿيڻ شروع ٿي وڃن ۽ پوءِ صارفين کي ٻڌايو ويندو آھي ته نئين اپڊيٽ کان بھتر نئين آپريٽنگ سسٽم جو استعمال ڪيو وڃي ۽ پوءِ اھو به ٻڌايو ويندو آھي ته نئون آپريٽنگ سسٽم موبائل فون جي نئين ماڊل تي بھتر ڪم ڪندو. ماھرين جو چوڻ آھي ته ايپل کان علاوه ٻيون ڪمپنيون به صارفين کي سال ٻئي سال صارفين کي نئين فون وٺڻ جي ترڪيب استعمال ڪنديون آھن.