Ireland won the match by 2 Wickets

برسبين: ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. آئرلينڊ آخري اوور ۾ ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو. آئرلينڊ ٽاس کٽي گڏيل عرب امارات کي بيٽنگ ڪرڻ جو موقعو ڏنو جنهن ۾ يو اَي اِي مقرره 50 اوورن ۾ 278 رنسون ٺاهيون. عرب امارات جي مڊل آرڊر بيٽسمين شيمان انور زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 83 بالن تي 1 ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 106 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ امجد علي 71 بالن تي 45، امجد جاويد 35 بالن تي 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم جي شروعات ڪجهه سٺي نه هئي جنهن جي پهرين وڪيٽ 4 رنسن تي ئي ڪري پئي بعد ۾ گري ولسن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪري 69 بالن تي 9 چوڪن جي مدد سان 80 رنسون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ۽ آئرلينڊ پول B ۾ 4 پوائنٽ سان 3 نمبر تي اچي وئي.