Kamlesh Kumar still not captured in 84 Days

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جو شاگرد ڪمليش ڪمار جو ڪو به ڏس پتو نه پيو 84 ڏينهن گذرڻ باوجود ڄامشورو پوليس گم ڪيل اسلام ڪوٽ واسي (ڳوٺ گوارڻ) ڪمليش ڪمار کي هٿ نه ڪري سگهي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود ڄامشورو پوليس ڪمليش ڪمار جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي وارثن آسرو پلي ورتو. ڪمليش ڪمار جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سندس ڀاءُ سنيل ڪمار ۽ چاچو راجا دائم به ڳوٺ واپس موٽي آيا ڪمليش ڪمار کي پنهنجي امڙ ڏينهن رات پڪاري روئي ٿي! ڪنهن به متاثر خاندان جي واهر نه ڪئي. ڪمليش جي ماءُ جمنا ڪماري بار بار هي چئي روئي ٿي ته منهنجي ٻچڙي کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گم ڪيو ويو آهي. معافي لاءِ تيار آهيون خدا جي واسطي اسان تي رحم ڪيو وڃي.