سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور صوفي بزرگ حضرت سخي لال شهباز قلندر رحه جنهن جو آخري آرام گاهه ضلعي دادو جي شهر سيوهڻ شريف ۾ آهي. سندن خانداني نالو سيد محمد عثمان ۽ والد محترم جو نالو سيد ڪبير رحه هو، سندن ولادت جي باري ۾ ڪافي اختلافات آهن، ڪي چون ٿا ته مورخ 537 هجري ته ڪي وري چون ٿا 538 هجريءَ کي سندن پيدائش جو سال قرار ڏين ٿا، سندن اباڻو وطن مروند هو، حضرت لعل شهباز قلندر جو شجرو ڪجهه هيئن آهي؛ حضرت عثمان مروندي بن سيد ڪبير بن سيد شمس الدين بن سيد نور شاهه بن سيد محمود شاهه بن سيد هادي بن سيد مهدي بن سيد منتخب بن سيد غالب بن سيد منصور بن سي بن سيد اسماعيل بن امام محمد بن حضرت امام جعفر صادق رضه، ڪجهه ڪتابن ۾ سندن نالو ”لعل“ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي معني ڳاڙهو آهي، ”لعل“ جو لفظ سندن ذات سان ان ڪري لاڳاپجي ويو هو جو قلندر شهباز رحه اڪثر ڳاڙهو لباس پهريندا هئا ۽ اهو رنگ کين ڏاڍو وڻندو به هو، مروند شهر ۾ ئي سندن تعليم و تربيت ٿي، بالغ ٿيڻ کانپوءِ حضرت شيخ عثمان رحه، حضرت بابا ابراهيم رحه جي هٿ تي بيعت ڪيائون. بخاري بادشاهه جي ڌيءُ سان لعل شهباز قلندر جي ڌيءُ جي شادي ٿي. ۽ ان کانپوءِ پاڻ هن تاريخي شهر ۾ رهڻ لڳا. حضرت لعل شهباز قلندر رحه ڊگهي ڄمار ماڻي، اڪثر روايتن مطابق پاڻ 21 شعبان 673 هجري ۾ دنيا مان موڪلائي ويا.
پاڻ ڪجهه وقت اتر افغانستان جي علائقي بلخ ڏانهن پڻ آيا جيڪو افغانستان جي قديم تاريخي شهر هو. اهڙي نموني قنڌار ۽ سمر قند تائين سندن وڃڻ جي اهڃاڻن جا اشارا ملن ٿا، ايستائين جو سندن پنڌ جو ڏس بخارا تائين آهي جيڪو موجوده ملڪ ازبڪستان ۾ آهي. شروع واري دؤر جي احوال کانپوءِ وري سندن آخر واري دؤر جو احوال مفصل طور ملي ٿو، سندن حياتيءَ جي وچ واري دؤر لاءِ معلومات گهٽ ملي ٿي، جنهن ڪري اهو گمان آهي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه عرصو شايد انهن ڏورانهن علائقن ۾ رهيا ۽ اتي دين جي نشر و اشاعت لاءِ ڪم ڪيائون، جتي پڻ سندن فيض ۽ ڪرامتن جو سلسلو هلندو رهيو. جنهن ڪري انهن علائقن جا هزارين ماڻهو سندن عقيدت ۾ آيا، اهو ئي سبب آهي ته اڄ به سندن مقبري تي حاضري لاءِ انهن علائقن جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ايندو رهي ٿو. جن مان اڪثر سندن حياتي واري دؤر کان وٺي ئي سندن طالب ٿيا ۽ ساڻن گڏجي اچي فقيري واري زندگي اختيار ڪيائون. سيوهڻ ۾ سندن طالب پٺاڻن جو تڪيو “پٺاڻ ڪافي” ان جو هڪ اهم دليل آهي. ملڪ جي مٿين علائقن جي ماڻهن جي عقيدت جو اظهار فقير خوش خير محمد هن طرح ڪيو آهي.

[huge_it_slider id=”13″]
پنهنجي ننڍپڻ جي زندگيءَ مان خبر پوي ٿي ته سندس شروعاتي تربيت پنهنجي والده سڳوري جي هنج ۾ ٿي، پاڻ سائين جن جي والداه مروند جي حاڪم شاهه سلطان شاهه جي نياڻي هئي، اهو حاڪم قلندر سائين جن جي پنهنجي خاندان مان هو ان جي ڪري سائين جن جي شروعاتي زندگي شاهاڻي گذري، سائين جن کي اهي سڀ سهولتون ميسر هيون جيڪي هڪ شاهي خاندان جي ٻار کي حاصل هونديون آهن. سائين جن جو والد صاحب خدا وارو ۽ سير سياحت جو عادي هو. سندس والده کي پنهنجي هن ٻار ۾ شروع کان ئي روحانيت جا آثار نظر ايندا هئا. بلڪ سڄي خاندان ۾ اهو معلوم هو ته هي ٻار اڳلي هلي ڪري تمام رندن جو روحاني رهبر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي بابا سان کيس شادي ڪرڻ جي بشارت ڏيڻ مهل پڻ اهوڙو اظهار ڪري چڪا هئا. ان ڪري کين عام ٻارن کان پري رکيو ويو هو. بهتر تربيت سان گڏ کين خانداني روايتن موجب بهتر تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. هن سهڻي ٻار ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف پورو ڪري حفظ ڪري ورتو پوءِ فارسي ۽ عربي جي گرامر ۽ ٻين عملن کي حاصل ڪيائون. دين ۽ شريعت جي تمام رستن جي اگاهي حاصل ڪيائون. سندن عمر 20 سالن کان مٿي ٿي ته پاڻ به قدرت جي اسرارن کي پرکڻ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ اڪيلي سر پنهنجو پهريون سفر روضه اقدس حضرت امام علي رضي الله تعالي عنه مشهد پاڪ طرف ڪيائون ۽ اتي اچي عبادت الاهي ۽ غور فڪر ڪندا رهيا. ڪجهه عرصو رهڻ کانپوءِ مشهد پاڪ جي اردگرد ٻيا سير سفر ڪري واپس پنهنجي وطن آيا ۽ اچي فقهي علمن جو وڌيڪ مطالعو شروع ڪيائون. هاڻ آهسته آهسته سندن شاهاڻي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. پاڻ خدا جي ياد سان گڏ خلق جي خدمت ۽ دردن جا دارون ٿيڻ لڳا، پنهنجي تر ۽ آسپاس جي ماڻهن جا هجوم سندن ديدار ۽ دعائن لاءِ سندن حاضريءَ ۾ ايندا رهيا.
ڪي تاريخ ”شهباز“ جي مشهوري جي سبب کي هن طرح بيان ڪن ٿا ته هڪ دفعي پاڻ حضرت بابا فريد الدين شڪر گنج رحه، حضرت جلال الدين بخاري جهانيان جهان گشت ۽ حضرت بهاءُالدين ذڪريا ملتاني رحه سان گڏجي سفر تي نڪتل هئا، اوچتو هلندي هلندي بيهي رهيا ۽ چهري مبارڪ تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، “ڇا ٿيو؟” سندن ساٿي بزرگن کين پريشانيءَ ۾ ڏسي پڇا ڪئي، منهنجو هڪ مريد هن وقت وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهي، حضرت سيد عثمان مروندي ڏکاري لهجي ۾ فرمايو، توهان حضرات پنهنجو سفر جاري رکو، مان اچان ٿو، ايئن چئي حضرت اهڙي طرح ڀڙڪو ڏنو جو نظرن کان اوجهل ٿي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ ٽنهي بزرگن، حضرت سيد عثمان رحه کي سامهون کان پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، ساڻن گڏ هڪ اوپرو شخص هو. پوءِ جڏهن چارئي بزرگ پنهنجي ماڳ تي عثمان مروندي رحه فرمايورب تعالي جو شڪر آهي جو هن منهنجي مريد کي مشڪلاتن مان ڪڍي سانت جي ساحل تي پهچايو، روايت آهي ته سندن اها ڪرامت ڏسي ٽنهي وقت جي نامور عارفن بيساخته فرمايو “سائين اوهان شاهه باز آهيو. ان ڏينهن پهتا ته هڪ بزرگ سوال ڪيو، سائين ڇا هي اهو ئي مريد آهي جنهن جي ڪري توهان ايڏا پريشان هئا؟ حضرت سيد کان وٺي حضرت عثمان رح شاهه باز جي لقب سان مشهور ٿي ويا پوءِ اهو لفظ گهڻي استعمال سبب شهباز ٿي ويو. پاڻ پنهنجي پوري زندگي دين جي تبليغ ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي دين کي ڦيلائڻ لاءِ ڪافي وڏا وڏا سفر ڪيا، ۽ وقت جي نامور بزرگن کان علم حاصل ڪيو