لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ تائين هلندڙ قلندر ايڪسپريس ٽرين بند، مسافر سخت تڪليف ۾ اچي ويا، پ پ پ جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه قلندر ايڪسپريس ٽرين جو افتتاح ڪيو هو روزانو 8 سئو کان وڌيڪ مسافر قلندر ايڪسپريس ٽرين ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي جو سفر ڪندا هئا. موجوده حڪومت جواز ڄاڻائڻ کانسواءِ قلندر ايڪپريس بند ڪري ڇڏيو، اعليٰ اختيارن به نوٽس نه ورتو ۽ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي عوام کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي پيو. ٽرين ۾ هڪ اي سي جي بوگي پڻ لڳائي وئي جنهن ۾ وي آئي پيز سفر ڪندا هئا. قلندر ايڪپريس ٽرين لارڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي عوام جي لاءِ ڏاڍي فائديمند ۽ محفوظ سواري هئي. لاڙڪاڻي جي عوام پڻ هن مان تمام گهڻو فائدو وٺندي هئي ۽ گهڻا خاندان پڻ هن ۾ خوشيءَ سان سفر ڪندا هئا ۽ هاڻي لاڙڪاڻي لاءِ ڪا به ٽرين جي سهولت موجود نه آهي