Actual reason behind ignorance of Urdu Speaking people
سنڌي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم سان هيٺين ٽن ڳالهين تي قومي اسيمبليءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي هر فورم تي بحث ڪرڻ گهرجي.1: تحريڪ پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو ڪردار ڪيترو هو؟2: تحريڪ پاڪستان دوران اردو ڳالهائيندڙن جو ڪيترو جاني نقصان ٿيو؟3: سنڌ ۾ هنن کي احساس محرومي ڪهڙي آهي؟ اهي آهن مٿيون تي اهم ڳالهيون جيڪي بار بار مخصوص ٽولو يا ايم ڪيو ايم وارا ورجائيندا رهندا آهن ته اسان ئي پاڪستان ٺاهيو آهي! اسان هيتري هيتري قرباني ڏني آهي. اسان جا لکين ماڻهو مئا آهن، تڏهن وڃي پاڪستان ٺهيو آهي، مهاجر ئي پاڪستان جا باني آهن. سنڌ ۾ محرومي اٿن تڏهن ٿا الڳ ”مهاجر صوبو“ چاهين؟ اچو ته ايم ڪيو ايم جي انهيءَ دعويٰ کي تاريخ جي سچائي سان رد ڪريون..؟ اول ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو بنياد به انگريز بهادر وڌو هو. سندن مول متا ۽ پاليسيون انگريز بهادر ٻڌائيندا ۽ ٺاهيندا هئا، ڪانگريس جو بنياد سن 1885ع ۾ پيو ۽ مسلم ليگ جو بنياد 1906ع ۾ بنگال ۾ نواب سليم الله خان جي بنگلي تي پيو؟ پاڪستان جو بنياد سنڌ ۾ پيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي ۽ 1938ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي رٿ پيش ڪئي. ننڍي کنڊ ۾ سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي جنهن 1943ع ۾ قرارداد بحال ڪرائي. سائين جي ايم سيد جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي مان قرارداد بحال نه ڪرائي ها ته پاڪستان ٺهڻ ۾ اڃا به وقت لڳي ها؟ 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ پنجاب ۾ ناڪام ٿي هئي. اُتي ”اهرار پارٽي“ ۽ يونينسٽ پارٽي سوڀ ماڻي هئي. سرحد صوبي ۾ خان عبدالغفار خان (باچا خان) جي پارٽي خدائي خدمت گار ڪامياب ٿي هئي. بلوچستان کي ته زوري پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو، سنڌ مان اڪثر سيٽون مسلم ليگ کٽيون هيون، بنگال مان به مسلم ليگ چڙهي هئي. باقي هندستان ۾ اڪثريت سان ڪهڙي صوبي مان مسلم ليگ چڙهي هئي؟ ڪيترا ووٽ هندستاني مسلمانن مسلم ليگ کي ڏنا هئا؟ اردو ڳالهائيندڙن جا ڪيترا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊجي آيا هئا؟ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه به نه آهي ته پوءِ ايم ڪيو ايم جي دعويٰ سڄي غلط آهي ته اسان ئي پاڪستان ٺاهيو آهي. مخصوص ٽولي جي وڏڙن جو ڪٿي ڪو ڪردار نظر ڪونه پيو اچي. پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سرفيروز خان نون ته وري هيئن ٿو چوي ”ڇاجي مسلم ليگ ڇاجي ڪانگريس، ڇا جي آزادي! عالمي جنگين ۾ اسان پنجابين، انگريزن جي فتح لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو ۽ وفاداري سان وڙهياسون، برطانوي اقتدار کي دنيا تي قائم رکڻ لاءِ اسان پنهنجا بهترين فرزند آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ ۾ ماريا ۽ انهيءَ ئي وفاداريءَ جي صلي ۾ هنن اسان کي پاڪستان ڏنو“..؟ (ڏسو ڪتاب چشم ديد) هاڻ جي پنجابي سچا آهن ته پوءِ ايم ڪيو ايم وارا ڪوڙا آهن؟ جيڪي چون ٿا ته اسان قرباني ڏئي پاڪستان ٺاهيو آهي؟ پاڪستان تي حڪومت اڄ به پنجابين جي آهي؟.
 
”فيروز خان نون“ جي ڳالهه جي تصديق سر سڪندر حيات جي هن گفتگو مان پڻ ٿئي ٿي، سر سڪندر حيات جڏهن مصر جي محاذ تان موٽيو هو ته تڏهن چرچل سان مليو ۽ پنهنجي وفاداري جو صلو گهريائين؟ چرچل وراڻيو ته توهان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏئي وينداسين جنهن ۾ توهان ۽ توهان جو اولاد جي حڪومت رهندي ۽ پوءِ پاڪستان جي نالي ۾ انگريز ملڪ ڏئي ويا. جنهن تي اڄ به پنجابي قابض آهن. مسلم ليگ جي چوٽي جي ليڊرن ۾ اردو ڳالهائيندڙ صرف چار ڄڻا هئا. لياقت علي خان، بهادر يار جنگ، خليق زمان ۽ مولانا حسرت موهاني، جناح ۽ اقبال جي ٻولي اردو ڪانه هئي؟ مسلم ليگ جا 99 سيڪڙو مطالبا، قراردادون ۽ تقريرون اردو نه پر انگريزي زبان ۾ هونديون هيون. سورهيه بادشاهه امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي، هوش محمد شيدي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، تاج محمود امروٽي، رئيس جان محمد جوڻيجو، شهيد الهه بخش سومرو، غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر شاهنواز ڀٽو، عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، محمد ايوب کهڙو، سر غلام حسين، هدايت الله، هيمون ڪالاڻي ۽ روپلو ڪولهي ڪي اردو ڳالهائيندڙ ڪونه هئا؟عدم تعاون تحريڪ جي تجويز مهاتما گانڌيءَ کي تاج محمود امروٽي ڏني هئي. خلافت تحريڪ جي تجويز علامه سيد اسد الله شاهه ٽکڙائيءَ ڏني هئي. خلافت تحريڪ ۽ خاڪسار تحريڪ جا پهريان شهيد به سنڌي آهن، ”ريشمي رومال تحريڪ“ جو پهريون وارنٽ به هڪ سنڌي شيخ عبدالرحيم حيدرآباديءَ تي نڪتو هو.”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ جو پهريون شهيد به هڪ سنڌي ”هيمون ڪالاڻي“ هو؟ هجرت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪ جو سڄو سهرو سنڌين جي سر تي آهي. هاڻ اچون ٿا هن ڳالهه تي ته تحريڪ پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ مئا گهڻا آهن؟جيڪو مخصوص ٽولو دعويٰ ڪندو آهي؟ يو پي، سي پي ۽ راجستان جا ڪي مثال ڏيو ته انهن علائقن ۾ ڪو هڪڙو اردو ڳالهائيندڙ مئو هجي؟مشرقي پنجاب ۾ ٿيندڙ خونريزيءَ ۾ به پنجابي ڳالهائيندڙ مئا هئا نه ڪي اردو ڳالهائيندڙ؟ اهي پنجابي به فسادن ۾ مئا هئا نه ڪي تحريڪ پاڪستان ۾؟ مشرقي پنجاب ۾ مرندڙن جو تحريڪ پاڪستان سان پري جو به تعلق ڪونه هو؟ ”جليانواله باغ“ وارو قتل عام ۽ لاهور ۾ خاڪسار تحريڪ وارن تي هلندڙ گولين ۾ هڪ به اردو ڳالهائيندڙ ڪونه مئو هو؟ خلافت تحريڪ علماءُ ديو بند ۽ 1857ع واري جنگ آزادي پاڪستان لاءِ ڪونه وڙهي وئي هئي؟

جنرل بخت خان، حيدر علي، فتح علي خان (ٽيپو سلطان)، سراج الدوله، تانتا ٽوپي، جهانسي جي راڻي، اهي سڀ پاڪستان لاءِ ڪونه وڙهيا هئا ۽ نه ئي ڪا انهن جي ٻولي اردو هئي؟ ان کان علاوه ننڍي کنڊ ۾ جيڪي به فساد ۽ خون خرابا ٿيا هئا، اهي سڀ مذهبي فساد يا مذهب جي نالي ۾ ٿيا هئا؟ اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته تحريڪ پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ هڪڙو به ڪونه مئو آهي؟.

باقي هڪ اڌ کڻي ڪٿي مئو هجي ان لاءِ آنڱر وڍرائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ نه گهرجي…؟؟

۽ پوءِ اهو چوڻ ته اسان لکين ماڻهو مارائي قرباني ڏئي پاڪستان ٺاهيو آهي؟ اهو موقف سراسر غلط ۽ ڪوڙو آهي.

سنڌ ۾ رڳو ”حر تحريڪ“ ۾ ڏهه هزار حر ۽ ٽيهه هزار عام سنڌي شهيد ٿيا هئا. ”سورهيه بادشاهه ڦاسي چاڙهيو ويو هو؟ ننگر پارڪر ۾ ”جنرل ٽروٽ“ سان روپلي ڪولهيءَ جي ڳواڻي ۾ ڪولهي وڙهيا هئا؟ 1943ع ۾ سنڌ ۾ ”مارشل لا“ لڳي جنهن ۾ هزارين حر مرد، عورتون ٻار توڙي ٻڍا قيد ڪيا ويا، لوڙهن ۾ وڏو عذاب ڀوڳين..؟ هاڻ اچون ٿا ايم ڪيو ايم جي ٽي ڳالهه تي ته سنڌ ۾ مهاجرن کي احساس محرومي آهي.

سنڌ ۾ مهاجرن کي محرومي ڪهڙي آهي؟:

وڏا وڏا شهر، ڪاروبار، وڏيون نوڪريون سڀ مهاجرن جي هٿن ۾ آهن، هر حڪومت ۾ مهاجر ڀاڱي ڀائيوار (ايم ڪيو ايم) آهن. ڪليم مهاجرن کي مليا، زندگيءَ جو هر سُک آرائش، سهوليت مهاجرن وٽ آهي. هيڏانهن وري ٿر، ڪوهستان، کاري، پٽي، بدين، ٺٽي جي حالت ڏسو پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي. ٿر ۽ ڪوهستان جون عورتون ٽي ٽي گهڙا کڻي 2-2 ميل پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. ”ايم ڪيو ايم“ وارا ڪو هڪ مثال ڏيندا ته اردو ڳالهائيندڙ ڪا هڪ عورت 2 گهڙا مٿي تي کڻي ٽي ميل پنڌ ڪري پاڻي ڀري ايندي هجي؟ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رستن جي خراب حالت ۽ سواري جي ڪا سهولت نه هئڻ سبب ڪيترين عورتن جا حمل ضايع ٿيو وڃن. گاهه ڪرڻ، گُڏ ڪڍڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، وٿاڻ صاف ڪرڻ، ڏهائي ڪرڻ، ڇيڻا ٿڦڻ وغيره جو ڪم مهاجر عورتون ڪٿي ڪٿي ڪن ٿيون؟ پوءِ به احساس محرومي….. هاءِ گهوڙا…..؟؟؟

رمضان دلدار چڍڙ