Makli Graveryard

ٺٽو پنهنجي علم ۽ فضل جو اهو عالم هيو جو دنيا مان علم جا پانڌيئڙا ٻيڙين ذريعي هن شهر ۾ اچي علم جي اڃ اجهائي واپس ويندا هئا. جڏهن ته اديب، دانشور ۽ الله لوڪ بزرگ، اهل علم ۽ اهل دل هتي ئي رهائش اختيار ڪري جيڪي پنهنجي وقت جو وارو ڄمائي آخر مڪلي جي قبرستان ۾ ابدي ننڊ وڃي سمهندا هئا. مڪليءَ جي نالي جي ڏس ۾ تاريخ مختلف حوالا سامهون اچن ٿا. مسلمان هن ٽڪريءَ جي نسبت مائي مڪلي (مڪهه لي) سان جوڙين ٿا. جنهن جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري، ڄام تماچي جي ٺهرايل مسجد جي ٻاهرين پاسي الهندي طرف آهي. هندو لوڪ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي ڪالي ديويءَ سان منسوب ڪن ٿا جنهن جو وڏو مندر ۽ ٿيرت آستان، مين روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف آهي. ٻي روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته هڪ درويش وجد ۾ اچي ٿو ته: (هذا مڪهه لي) (يعني هيءَ جاءِ منهنجي لاءِ مڪو آهي). ان کانپوءِ ئي هن ٽڪريءَ جو نالو مڪلي پيو. جين مذهب ۾ گوسالو ۽ اجيوڪا اهم فرقا سمجهيا وڃن ٿا. انهن مان اجيوڪا فرقي جو باني گوسالو مڪلي پوٽو آهي. مڪليءَ جي پڙهڻي به جدا جدا پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. مڪلي، منگلي، منڪلي، جڏهن ته گوسالو فرقي جي هڪ شاخ ڊيگامبر، مڪلي ٽڪر ۽ هنگلاج ۾ رهندا هئا. انهن جي آستانن، غفائن ۽ آمد رفت جي سبب ڊيگامبر فرقي جي باني “منڪلي” جي نالي پٺيان انهيءَ ٽڪريءَ تي مڪلي نالو پڻ جو تصور پڻ تاريخ ۾ اچي ٿو. اهو لفظ حقيقت ۾ پالي معني يوگي/ يا نانگو فقير آهي.

[huge_it_slider id=”12″]
مڪليءَ جي مزارن مٿان پٿرن جي ٿيل اڪر جو مثال ئي ڪونهي جن کي ڏسي ڏسندڙن جو عقل دنگ رهجو وڃي ٿو. صديون گذري وڃڻ کان پوءِ به ائين پيو لڳي ڄڻ اها چٽسالي گذريل ڏينهن ڪئي وئي آهي. قبن ۽ قبرن تي ڪتبا به لکيل آهن جن جي پڙهڻ سان انهن نامور شخصيتن جي ڄمڻ، وفات، ڪارنامن، علمي لياقت، ڪردار ۽ سورهيائي جي ڄاڻ ملي ٿي، ڪن ڪن قبرن ۽ مقبرن تي فارسي ڪتبن کان علاوه قرآن شريف جون آيتون ۽ فارسي جا وڏا بيت اڪريل آهن، جيڪي خطاطي جو شاهڪار نمونو پيش ڪن ٿا. مڪلي ٽڪري قبرستان ۾ ڪيترائي پنهنجي وقت جا عالم، حاڪم ۽ امير دفن ٿيل آهن مڪليءَ جي ڏکڻ واري اڌ ۾ عيد گاهه، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ابوالقاسم نقشبدي جلوه گاهه امام پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ٻيا عجائبات آهن. اتر واري اڌ حصي ۾ شيخ حماد جمالي، عيسي لنگوٽي، ملان عبدالرحمان عباسي (ملان لٽر) جامع مسجد، سيد علي شيرازي، شاهه مراد، سمن سلطانن جا مقبرا، ترخانن جا مقبرا، مغلن جو رانڪون ۽ ٻيون ڪافي تاريخي جڳهيون آهن. مڪليءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين کاپي پاسي هڪ چور کوهه آهي، ٻن حصن ۾ سوڙهيون ڏاڪڙون، هيٺ کوهه جي ڪنڌي تائين وڃن ٿيون. کوهه جي ڪنڌيءَ تي پهچبو ته چوطرف ورانڊو نظر ايندو، وچ ۾ کوهه آهي. مڪليءَ جي قبرستان ۾ مزارن جو تعداد تقريبن 10 لک کن ٿيندو جنهن مان سوا لک ته بزرگ هستيون آرامي آهن مڪلي قبرستان جي پکيڙ اٽڪل ساڍا تيرنهن ميل آهي. مڪلي ٽڪري هاڙهي جبل جي هڪ شاخ آهي جيڪا رني ڪوٽ جي ٽڪرين واري قطار مان شمار ڪئي وڃي ٿي هن قبرستان جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته سڀني کان پهرين شيخ حماد جمالي کي دفن ڪيو ويو هو. هي هڪ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي وفات کانپوءِ کيس مڪليءَ تي اڏيل مسجد اڳيان دفن ڪيو ويو. ايئن هن قبرستان جو سلسلو جاري ٿيو ۽ بعد ۾ هر فرقي هر قبيلي جا ماڻهو هتي پنهنجا عزيز و اقارب دفنائڻ لڳا. مڪليءَ ۾ جيڪا وڏي جامع مسجد آهي ان کي ٺهرائڻ وارو ڄام تماچي هيو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو شيخ حماد جماليءَ جو شاگرد هو. جڏهن سلطان فيروز ڄام تماچيءَ کي دهليءَ قيدي بڻايو هو ته ان وقت ڄام تماچيءَ جي ماءُ شيخ حماد جماليءَ وٽ پٽ جي آزاديءَ لاءِ دعا پنڻ ايندي هئي. چيو وڃي ٿو ته ان کانپوءِ ڄام تماچي ستت ئي آزاد ٿي ويو. ٺٽي جي رهواسين لاءِ اها ٽڪري نه فقط هڪ قبرستان ۽ عبرتگاهه هئي سندن تفريح جو پڻ وڏو مرڪز هئي. مزارن تي ميلا لڳندا هئا هر مڪتبءِ فڪر جو ماڻهو اتي اچي سڪون محسوس ڪندو هو. 17 صديءَ ڌاري مڪليءَ تي کير نالي سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ هو. مينهن وسڻ سان تلاءَ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. ان وقت هندو توڙي مسلمان قطارون ٺاهي تلاءُ سان پنهنجو ٺڪاڻو اڏيندا هئا. رڌ پچاءُ به هتي ئي ڪندا هئا. مڪليءَ تي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتيءَ کي هنگلاج سڏيو وڃي ٿو. ڪالي مندر ۾ ننڍا ننڍا مندر جن ۾ گڻيش، هنومان ۽ شيو جون مورتيون، هڪ ڌرمشالا، هندن جي مقدس جڳهه طور تي سڃاڻيون وڃن ٿيون. بلوچستان ۾ هندو جوڳين جي مشهور تيرٿ هنگلاج، الهندي طرف ان ماڳ ڏانهن ايندي ويندي ياتري هن ٽڪريءَ تي ڪندا هئا. ياد رهي ته مشهور جرمن اسڪالر خاتون ڊاڪٽر ايني ميري شمل به مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، جنهن تي ان وقت جي حڪمرانن به ڊاڪٽر شمل جي انهيءَ خواهش کي منظور نه ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي مزارن جي پهلوءَ ۾ جڳهه مخصوص ڪرائي هئي. هونئن ته مڪلي جي هر مزار ۽ مقبرو نقش نگاري ۽ بناوٽ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر سمن جي حڪمران ڄام نظام الدين ۽ مرزا عيسي خان ترخان جا مقبرا پنهنجي حسن ۾ ڪو به ثاني نٿا رکن. ڄام نظام الدين سمون جنهن کي ماڻهو پيار منجهان ڄام نندو به چوندا هئا. سندس حڪمراني ۽ رحمدلي، عدل ۽ انصاف جي ساراهه لاءِ سنڌ جون سموريون تاريخون ڀريون پيون آهن. سنڌ جي هن عظيم بادشاهه جو مقبرو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پاڻ پنهنجي جيئري تعمير ڪرايو هو. ڄام نندي سنڌ تي اٽڪل اڌ صدي حڪمراني ڪئي جنهن ۾ هر طرف امن، محبت، پيار ۽ علم و عرفان جو دور هو. سنڌ جو عظيم سورهيه ۽ سپهه سالار شهيد دولهه دريا خان جو به مقبرو مڪلي تي آهي، شهيد دولهه دريا خان ڄام نندي جو خاص وزير هو جيستائين ڄام نندو زندهه هو تيستائين سنڌ تي ڪنهن به ميري اک کڻي نه ڏٺو. سنڌ مٿان ڄام نندي جي حڪومت ۾ جن به دشمنن ڪاهون ۽ حملا ڪيا ته کين دولهه دريا خان پنهنجي همت ۽ بهادري سان اهڙا ٽوٽا چٻايا جو وري هو سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ست نه ساري سگهيا.