Microsoft Cut 7800 jobs in production unit

Google’s mobile phone Android software has overtaken large companies in the field of technology. Now it seems that computer software’s popular company Microsoft has also surrender in front of Google. Microsoft has announced to finish the production of Nokia mobile phone. Nokia Company will cut 7800 jobs of manufacturing department and investment will be reduced by 7.6 billion dollars mostly in mobile phones. Microsoft Nokia is reducing the jobs of units, it is 7 percent of its total workforce. Company will also close the production unite located in Finland. Jobs are being reduced second time after Satya Nadella becoming a Chief Executive in February 2014. It was announced by the company last year in July, they would cut 18000 jobs but experts are wonder why just the Nokia mobile phone production unit is being made target for the eliminating jobs. It was announced by the company last month that Nokia’s CEO Stephen Elop will also be removed. Surprisingly, a significant increase in the price of software’s price in spite of reduction in jobs and investment. Last Wednesday 1.4 percent increase in its price. The company’s share price has been increased by 22 percent after took over of Satya Nadella.


 

مائيڪرو سافٽ نوڪيا ۾ ”صفائيءَ“ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ھڪ ئي ڏينھن ۾ رڪارڊ بڻائي ڇڏيو

واشگٽن: گوگل جي موبائل فون سافٽويئر اينڊرائيڊ وڏين وڏين ڪمپنين کي حيران ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي لڳي ٿو ته ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۾ مشھور ڪمپنيءَ مائيڪرو سافٽ به گوگل جي اڳيان ھار مڃي ورتي آھي. مائيڪرو سافٽ نوڪيا موبائل فون جي پيداوار کي تقريباََ ئي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اعلان جي مطابق ڪمپني نوڪيا مينو فيڪچرنگ ڊپارٽمينٽ جون ملازمتون به ختم ڪيون وينديون ۽ موبائل فونز تي به ڪيل سرماياڪاري 6-7 بلين ڊالرز جي گھٽتائي آندي ويندي. مائيڪرو سافٽ نوڪيا يونٽ ملازمتن ۾ جيتري گھٽتائي ڪري رھي آھي اھو ان جي سموري افرادي قوت جو سَتَ فيصد آھي. ڪمپني فن لينڊ ۾ واقع نوڪيا جو پراڊڪشن يونٽ به بند ڪري ڇڏيندي. ستيا نيڊيلا جو فيبروريءَ 2014 ۾ چيف ايگزيڪٽو بڻجڻ کان پوءِ ٻيون ڀيرو ملازمتن ۾ گھٽتائي آندي پئي وڃي.ڪمپنيءَ جي پاران گذريل سال جولائي ۾  اعلان ڪيو ويو ھو ته ھو 18 ھزار ملازمتون ختم ڪري ڇڏيندي پر ماھرين ان ڳالھ تي حيران آھن ته ملازمتن جي خاتمي جو نشانو صرف نوڪيا موبائل فون پراڊڪشن يونٽ کي ئي ڇو بڻايو پيو وڃي .ڪمپنيءَ جي پاران گذريل سال اھوبه اعلان ڪيو ويو ھو ته ھو نوڪيا جي اعلي ترين عھديدار سٽيفن ايلوپ کي به رخصت ڪيو ويندو. حيران ڪندڙ  ڳالھ آھي ته ملازمتن ۽ سرماياڪاريءَ ۾ گھٽتائيءَ جي باوجود سافٽ ويئر جي شيئرز جي قيمت ۾ نمايان اضافو نظر اچي رھيو آھي گذريل اربع جي ڏينھن ان جي قيمت ۾ 1.4 فيصد اضافو ٿيو. واضح رھي ته  ستيا نيڊيلا جو چارج سنڀالڻ کان پوءِ ڪمپنيءَ جي شيئرز جي قيمت ۾ مجموعي طور تي 22 فيصد جو اضافو ٿي چڪو آھي.