Misbah XI Won the match against Zimbabwe

برسبين ۾ رٿيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر پاڪستان جي بيٽنگ لائين ٻوٽو نه ٻاريو مقرره 50 اوورن 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 235 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني ٽيم جا اوپنرز ٻئي ناڪام ناصر جمشيد 9 بالن تي صرف 1 رنس ٺاهي موٽيو ئي مس ته مٿان احمد شهزاد 17 بالن تي بنا ڪنهن رنس جي پولين موٽي ويو. حارث سهيل 44 بالن تي 2 چوڪن جي مدد سان 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ڪپتان مصباح الحق 121 بالن تي 3 چوڪن جي مدد سان 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو عمر اڪمل 42 بالن تي 3 چوڪن جي مدد سان 33 رنسون ٺاهي سگهيو شاهد خان آفريدي پنهنجي سالگرهه جي ڏينهن تي به پراڻي روايت جاري رکندي صرف 2 بالن جي راند کيڏي بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿيو سهيب مقصود 17 بالن تي 2 چوڪن جي مدد سان 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو بعد ۾ وهاب رياض مڙسي ڪري 46 بالن تي 1 ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 54 رنسن جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ سهيل خان 8 بالن تي 6 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو پاڪستان جي پوري ٽيم مقرره 50 اوورن ۾ 235 رنسن جو ٽارگيٽ زمبابوي جي ٽيم کي ڏنو. جواب ۾ زمبابوي جي پوري ٽيم 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ٽيلر 50 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي پر ميچ نه کٽرائي سگهيو پاڪستان طرفان محمد عرفان شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 10 اوورن ۾ صرف 30 اسڪور ڏيئي 4 وڪيٽون ورتيون ۽ وهاب رياض 9.4 اوورن ۾ 45 اسڪور ڏيئي 4 شڪار ڪيا وهاب رياض کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. هي پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي هئي.