Mohammad Amir expected to join National team soon

Pakistan Cricket board will carefully review the performance of Mohammad Amir during the National T-20 cup held at Rawalpindi Cricket Stadium. This tournament will be played in Rawalpindi from 1 September to 15 September. Speaking to the news agency APP the Rawalpindi region officials said that Amir will return to the national team after ending the ban this year September. He said that the national team have lack of good fast bowlers and bowling department will be strengthen after Amir joining the squad. He said that PCB is keeping an eye on his performance and he will make a place in the national team soon. Amir will represent the Rawalpindi Rams in National T-20 while region will also monitor his performance. He said further that we have high expectation from Amir and it is expected that he will join the team by the end of this year.

عامر جلد قومي ٽيم جو حصو بڻجندو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ واري قومي ٽي ٽونٽي  ڪپ جي دوران محمد عامر جي ڪارڪردگي جو غور سان جائزو وٺندو. هي ٽورنامينٽ پهرين سيپٽمبر کان 15 سيپٽمبر جي دوران راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. خبرن جي اداري اي پي پي سان گفتگو ۾ راولپنڊي ريجن جا عهديدارن چيو ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ عامر قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو. هن چيو ته قومي ٽيم ۾ سٺن بائولرن جي ڪمي آهي ۽ عامر جي اسڪواڊ ۾ شموليت سان بوئولنگ شعبو مظبوط ٿيندو. هن جو چوڻ هيو ته پي سي بي ان جي ڪارڪردگي تي نظر رکيل آهي ۽ هو جلدي قومي ٽيم ۾ جڳھ ٺاهيندو. عامر قومي ٽي ٽونٽي ٽورنامينٽ ۾ راولپنڊي ريمز جي طرفان کيڏندو جڏهن ته ريجن به ان جي ڪارڪردگي تي نظر رکندو. ان جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان کي عامر جي واپسي مان تمام گهڻيون اميديون آهن ۽ توقع آهي ته هو هلندڙ سال جي آخر تائين ٽيم ۾ ضرور شامل ٿيندو.