Mohen Jo Daro

موهن جو دڙو جو صحيح نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، سرڪاري طور تي هن تاريخي آثار کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير) ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙو (موهن هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو(منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُمهِيا هڪ قوم آهي) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي موهن جو دڙو آهي، مقامي آبادي هن آثار کي موهن جو دڙو ڪوٺيندي آهي.

موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو انساني تاريخ جي 5 هزار سال پراڻي ثفافتي تهذيب آهي، ڏکڻ ايشيائي ملڪن پاڪستان ۽ هندوستان جي سنڌو ماٿريءَ جي هن تهذيب کي شهري رٿا بندي وارو شهر پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن ۾ آب ۽ نيڪاسي جو جديد نظام رائج هو. موهن جو دڙو جي تهذيب مصر ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن جي هم عصر تهذيب هئڻ جو اعزاز رکي ٿي، جڏهن ته موهن جي دڙي تي گهٽ تحقيق ٿيڻ ڪري کيس مصر جي تهذيب بعد ٻئي نمبر تي وڏي تهذيب ڪوٺيو ويندو آهي. موهن جي دڙي جي آثارن کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽيج سائيٽ جو درجو ڏنو ويو آهي.
موهن جو دڙو سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته 5 هزار سال اڳ سنڌو درياءُ موهن جو دڙو جي کاٻي پاسي کان وهندو هو، پر قدرتي طور تي ٿيندڙ موسمي تبديلين سبب ساڄي طرف کان وهڪرو ڪري رهيو آهي.

[huge_it_slider id=”9″]

موهن جو دڙو تي موجود ٻڌ ڌرم اسٽوپا يا عبادت گاه موهن جو دڙو جي تهذيب سان ڪوبه واسطو نه ٿي رکي. هي اسپوٽا ٻڌ ڌرم سان واسطو رکي ٿي، جيڪا 18 سئو سال اڳ وجود ۾ آئي. اسٽوپا گولائي ۾ سرڪل جيان ڪچي سرن سان ٺهيل هئي ۽ سون جي ڳولها ڪندڙ چورن ان جي اڌ کان وڌيڪ حصي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. اسٽوپا بابت ماهرن جي راءِ آهي ته ٻڌ ڌرم جي باني گوتم ٻڌ جي وفات بعد سندس سماڌي کي 7 حصن ۾ ورهايو ويو ۽ ان مان هڪ حصي کي هن اسٽوپا ۾ دفن ڪيو ويو هئو.

موهن جي دڙي جي آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد قوم انتهائي ذهين، هوشيار ۽ محنت ڪش هئي، جيڪا انساني رشتن کي اهميت جي نظر سان ڏسندي هئي. آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻهو طبقن ۾ رهندا هئا يعنى امير، واپاري ۽ غريب طبقن ۾ ورهايل هئي ۽ سندن گهر ڪشادا ۽ پڪين سرن سان تعمير ٿيل آهن.گهرن ۾ کوهه پڻ تعمير ٿيل آهن، جنهن ذريعي پيئڻ توڙي استعمال جو پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو ۽ هر گهر کي ليٽرن ۽ باٿ روم سميت ڊرينيج سسٽم پڻ هو جنهن ذريعي گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو هو، جڏهن ته نالين کي پڻ پٿرن ذريعي ڍڪيو ويون هو. گهرن ٻاهران روشني لاءِ ڏيئا ٻارڻ لاءِ جڳهه پڻ تعمير ٿيل آهن.ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ تعمير ڪيا ويا هئا ته جيئن ٻار بهتر تعليم پرائي سگهن. آثارن جي کوٽائي مان هڪ سوئمنگ پول پڻ هٿ آيو آهي، جيڪو جديد دور جي علامت آهي.
موهن جو دڙو مان هٿ آيل مهرن تي اڪريل عبارتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻهو ڳالهائيندڙ ٻولي لکي ۽ پڙهي سگهندا هئا، جنهن لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ ان موقف کي سگهارو ڪن ٿا ته هتي آباد قوم تمام گهڻي سڌريل قوم هئي. بدقسمتي سان موهن جو دڙو جي ٻولي کي اڄ تائين پڙهجي نه سگهي نه آهي، جنهن ڪجهه محققن اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ۽ ڪجهه مهرن کي پڙهڻ جون دعوائون ڪيون آهن پر تن تي ڪنهن به صورت ۾ يقين نه ٿو ڪري سگهجي. هي هڪ اهڙو راز آهي، جيڪو تباهه ٿيندڙ قوم جي سيني ۾ ئي رهجي ويو ۽ ان کي ظاهر ڪرڻ قطعي طور ناممڪن آهي پر پوءِ به ڪوشش ٿي رهي آهي.

موهن جي دڙي جي دريافت 1922ع ۾ آر بي بئنرجي ڪئي، جيڪو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو هڪ آفسير هو. رکيل داس بندوپڌيا بئنرجي کي ٻڌ ڌرم ۽ سڪندر اعظم جي آثارن بابت ذميوارون ڏنيون ويون هيون ۽ هو موهن جو دڙو جي اسٽو پا بابت اطلاع ملڻ تي هن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ته اتي هن کي هڪ ٻئي تهذيب جا آثار مليا. آر بي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽس گورنمينٽ جي آرڪيالاجي کاتي کي ڏنو، جنهن بعد 1929ع ۾ برطانوي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل موهن جي دڙي پهتو ۽ هن موهن جي دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾ آرڪيالاجي کاتي جاعملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي سندس سهڪاري هئا. 1945 ۾ احمد حسن داني ۽ مورٽيمر ويلر پڻ کوٽائي ڪئي، جڏهن ته مکيا کوٽائي65- 1964۾ ڊاڪٽر جي ايف ڊيلز جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. 1965 کانپوءِ پاڪستان سرڪار جي ڪجهه عملدارن هڪ سازش تحت موهن جي دڙي جي کوٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ موهن جو دڙو تي صرف ننڍا ننڍا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا، جيڪي ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن.

1 COMMENT

Comments are closed.