Muhammad Hussain Panwhar - A Famous Writer of Sindh

محمد حسين پنهور تاريخ 25 ڊسمبر 1925ع تي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ جنم ورتو ۽ 21 اپريل 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اهي ماڻهو سدائين ياد رکيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي زندگي قومي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گذاريندا آهن. سنڌ جي مشهور زرعي ماهر ۽ نامياري ليکڪ سائين محمد حسين پنهور جو شمار به سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي آسائشن بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي شعبي ۾ عملي طور ڪم ڪري هڪ مثالي انسان هئڻ جو ثبوت ڏنو.

محمد حسين پنهور جا تاريخ، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچر جي موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته انهيءَ حوالي سان سندس مقالن جو تعداد سوَن ۾ آهي. سندس شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن انگريزيءَ ۾ لکي سنڌ، توڙي سنڌ جي مامرن کي سڄي دنيا تائين پهچايو.

محمد حسين پنهور مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي علمي قابليت کي حقيقي ۽ عملي طور تي سنڌ لاءِ استعمال ڪيو ۽ هڪ فرد بجاءِ هڪ اداري جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. تاريخ، زراعت، آرڪيالاجي ۽ سماجيات وارن علمن ۾ سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون.

محمد حسين پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ ھيٺ ڏنل ڪتاب شامل آهن:
• سورس مٽيريل آن سنڌ،
• ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ،
• سومرا پيرڊ هسٽري آف سنڌ،
• ماسٽر پلان ايريا،
• گرائونڊ واٽر ان بلوچستان،
• گرائونڊ واٽر ان ڪراچي،
• گرائونڊ واٽر ان سنڌ،
• گرائونڊ اينڊ سرفيس واٽر ان ايرڊ زون،
• گرائونڊ واٽر ان دادو ڊسٽرڪٽ
• مسلم عورت

محمد حسين پنهور بيشمار عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي هن زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي موضوعن تي مقالا پيش ڪيا. کيس ملڪي توڙي عالمي سطح تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي. هو سنڌ جو اهڙو محقق هو، جنهن جي سوچ مڪمل طور تي سائنٽيفڪ هئي. هن پنهنجي تحقيق دوران سنڌ جي حوالي سان اٽڪل ٽي هزار نقشا پڻ ٺاهيا، جن وسيلي تحقيق جا ڪيئي نوان در کليا. علمي ڪم جي حوالي سندس تحقيقي ڪتاب chronological Dictionary of Sindh جنهن جو ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. اهو ايترو اهم آهي، جو جيڪڏهن پنهور صاحب زندگيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪم نه به ڪري ها ته سندس نالو سدا سلامت رهي ها.