Pakistani Doctors discovered Naegleria medicine

Pakistan private educational institution of Agha Khan University Hospital’s doctors have been discovered the medication of Naegleria virus. Research team headed by Agha Khan University’s department of biotical sciences Senior Dr. Naveed Ahmed Khan and Dr.Abdul Manan Baig have discovered the medication after five years of experiments. Doctors say that the medicine has been discovered for the treatment of amoeba that is used to treat variety of diseases that already belongs to the Naegleria fowleri. Dr. Ahmed Khan says that he used various foods and medications for the treatment of amoeba in which three medicines have proved highly effective against disease. Dr. Ahmed said that these medicines will be used against diseases from next year. He said that the biggest problem of this disease, the medication had to reach quickly the brain. The method has now been discovered. Dr. Ahmed said that these drugs have been used in Pakistan for the last several years, however, these could not save valuable lives due to ignorance. Dr. Ahmed warned that the number of people affected by this disease may be increased due to increase in global warming. Naegleria fowleri exists in the water and there is a less knowledge, lack of preventive measures, country faces health service issues and lack of medicines for the treatment that causes of disease progression.

پاڪستاني ڊاڪٽرن نگليريا جي دوا ڳولهي لڌي 

پاڪستان جي پرائيويٽ تعليمي اداري آغا خان يونيورسٽي جي ڊاڪٽرن نگليريا وائرس جي لاءِ دوا ڳولهي لڌي آهي. آغا خان يونيورسٽي جي بائيوجيڪل سائنسز ڊيپارٽمينٽ جي سينيئر ڊاڪٽر نويد احمد خان ۽ ڊاڪٽر عبدالمنان بيگ جي سربراهي ۾ ڪم ڪرڻ واري ريسرچ ٽيم هي دوا پنجن سالن تائين تجربن کانپوءِ ڳولهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪي دوا اميبا جي علاج جي لاءِ ڳولهي وئي آهي اها پهريون کان نگليريا فائولري خاندان سان تعلق رکڻ واري ڪيترن ئي بيمارين جي علاج جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر احمد خان جو چوڻ آهي ته ان ڪيترن ئي کاڌن ۽ دوائن کي اميبا جي علاج جي لاءِ استعمال ڪيو جنهن ۾ ٽي دوائون هن بيماري جي خلاف تمام گهڻي ڪارائتيون ثابت ٿيون آهن. ڊاڪٽر احمد جو چوڻ هيو ته هي دوائون ايندڙ سال کان هن بيماري جي خلاف استعمال ڪيون وينديون. ان چيو ته هن بيماري ۾ سڀ کان وڏي مشڪل دوا جو فوري طور  تي دماغ تائين پهچائڻو هيو جنهن جو طريقيڪار هاڻي ڳولهيو ويو آهي. ڊاڪٽر احمد چيو ته هي دوائون پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان استعمال ڪيون وڃي رهيون آهين تنهن   ڪري لاعلمي جي سبب اهي ڪيترن ئي جانن کي بچائڻ ۾ ڪم نه اچي سگهيون. ڊاڪٽر احمد خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سالن ۾ هن بيماري مان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن جي وجه گلوبل وارمنگ آهي. ان چيو ته پاڻي ۾ نگليريا فائولري جو موجود هئڻ معاملن يا احتياطي پرهيز جي گهٽتائي، صحت جي سهولتن جو ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ علاج جي لاءِ دوائن ۾ گهٽتائي هن بيماري جي وڌڻ جا سبب آهن