Pir Mardan Shah Pir Pagara

سيد مردان شاهه ميراني پير پاڳارا 22 نومبر 1929 پير جي ڳوٺ ۾ حضرت پير سيد صبغت الله شاهه عرف سوريه بادشاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ان جي والد سيد سوريه بادشاهه انگريزن جي خلاف متحده هندستان جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ انهيءَ جدوجهد جي دوران ان کي 20 مارچ 1943 ۾ انگريزن ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد سوريه جي ميت به ان جي وارثن جي حوالي نه ڪئي وئي. سوريه بادشاهه جي گهرواري به زبردست مشڪلن جي شڪار رهي. سيد صبغت الله شاھ راشدي کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ ان جي ڀاءُ کي برطانيه کڻي ويا جتي ان تعليم حاصل ڪئي ميجر ڊيوس اسڪول لورپول برطانيه ۾ پنهنجي پوري تعليم جي دوران پير پاڳارا حقيقتن قيدي ٿي رهيو. هو برطانيه جي خلاف بغاوت ڪرڻ واري خاندانن جي 1213 طالبن مان هڪ هو. تعليم جي نالي تي انگريزن جي قيد جي دوران ان کي فارسي ۽ لاطيني ٻوليون سيکاريون ويون. پاڪساني قوم کان پوءِ ملڪ جي پهرين وزير اعظيم لياقت علي خان ان کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جنهن کانپوءِ حر جماعت وري جنم ورتو ۽ 4 فيبروري 1952 تي پير پاڳارا جي طور تي دستار بندي ڪئي وئي. انگريزن جي زماني ۾ جن ماڻهن حر جماعت جي خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنو پير پاڳارا انهن کان بدلو وٺڻ جي بجائي انهن کي معاف ڪرڻ جو عام اعلان ڪيو.  گادي سنڀالڻ کانپوءِ پير پاڳاري وفاقي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستاني سياست هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن پاڻ کي بادشاهه چوڻ لڳا. پير پاڳارا ايوب خان جي دور ۾ شهدادپور ۾ ٿيڻ واري جلسي ۾ پهريون ڀيرو قوم سان خطاب ڪيو ۽ قومي سياست ۾ داخل ٿي ويو. هي جلسه عام ميونسيپل هاءِ اسڪول گرائونڊ شهدادپور ۾ منعقد ڪيو ويو هو. محترمه فاطمه جناح جي ايوب خان جي مقابلي ۾ صدارتي چونڊ ۾ شڪست کانپوءِ محترمه مسلم ليگ فنڪشنل جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ پير پاڳارا کي مسلم ليگ فنڪشنل جو سربراهه ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. پاڻ کي متحده مسلم ليگ جو پهريون صدر به منتخب ڪيو ويو هو. پير پاڳارا پاڪستان ۾ سڀني کان گهڻو با اثرسياسي شخصيت به هو. هو ملڪ جي سياست جي حوالي سان پنهنجي اڳڪٿي جي حوالي سان به مشهور هو. ملڪ جا سينيئر سياست دان اڪثر ڪري ان سان ملاقات ڪري ان کان رهنمائي وٺندا رهندا هئا. لحٰذا هو سڀني کان وڌيڪ رابطا رکڻ وارو سياستدان تصور ڪيو ويندو هو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو پير سائين پاڳاري جو گهاٽو دوست هو پر جڏهن ڀٽو صاحب ايوب خان جي خلاف تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ته پير پاڳاري ۽ ڀٽي صاحب جا رستا الڳ الڳ ٿي ويا. پير ڳاپارو روشن خيال جو ماڻهو هو. پاڻ 2004 ۾ پير جي ڳوٺ ۾ پنهنجي حرن ۽ مريدن سان خطاب ڪندي انهن کي تنقيد ڪئي ته هو پنهنجين نياڻين ۽ ٻارن کي تعليم ڏياريو، پراڻن رسمن ۽ رواجن سان ٻاهر نڪرو ۽ پنهنجين نياڻين جو شاديون انهن جي مرضي جي خلاف نه ڪرايو ان ۾ انسانن جي خدمت ڪرڻ جي زبردست اسلامي جذبو موجود هو. اها ئي وجهه آهي جو ان جا مرد ان جي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن.حرن جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه سيد شاھ مردان شاھ پير پاڳارا اڳارو 10 جنوري 2012 تي لنڊن جي مقامي اسپتال ۾ 83 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. هو ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هو. ان جي پوئرن ۾ هڪ بيوهه چار پٽ، 3 نياڻيون ۽ لاتعداد پوٽرا ۽ پوٽريون ۽ ڏهٽا ۽ ڏهٽيون شامل آهن. پير پاڳاري کي 5 جنوري بروز جمع جي ڏينهن علاج جي لاءِ خصوصي هوائي ايمبولينس جي ذريعي لنڊن کڻايو ويو. ان کان پهرين تقريبن هو ڏيڍ مهينو ڪراچيءِ جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل هو پير پاڳاري جي مرڻ جي خبر ٻڌندي ئي ان جي حرن ۽ مريدن جي هڪ وڏي تعداد ان جي ڪراچيءَ واري گهر ڪنگري هائوس پهچي وئي ۽ ان جا مريد زارو قطار روئي رهيا هئا. ۽ سائين جن جي تدفين هن جي اباني ڳوٺ پير جو ڳوٺ ۾ ڪئي ويئي جتي ڪروڙين مريدن جنازي جي نماز ادا ڪئي.

[huge_it_slider id=”5″]