PPP MQM Enemies of Nation said Ayaz Latif Palejo

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز ليطيب پليجي حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچيءَ ۾ عام شهرين، وڪيل، ڊاڪٽرن، واپارين، سرڪاري آفيسرن توڙي پوليس آفيسرن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ روز جو معمول بڻيجي چڪو آهي، ڪراچيءَ ۾ فيڪٽريءَ کي باهه لڳايل باهه جي واقعي واري جي آءِ ٽي رپوٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ڪارڪن محمد رضوان قريشي اهو اعتراف ڪيو آهي ته پارٽيءَ جي حڪم تي هن 20 ڪروڙ روپيا ڀتو گهريو، نه ڏيڻ تي باهه ڏني سون. جنهن ۾ تقريبا 259 مزدور زنده سڙي ويا جنهن وقت ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر بلديا ٽائون فيڪٽريءَ جي مزدورن کي مارڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ان وقت پيپلز پارٽي رحمان ملڪ کي لنڊن موڪلي الطاف  سان  ملاقات  ڪرائي  سنڌ حڪومت  جو  حصو ٿيڻ  جي دعوت ڏني، ۽ اهڙو  عمل صرف امن  جي لاءِ نه پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي شهرين سان دشمني آهي