Retd Chief Justice Rana Bhagwan Das

رانا ڀگوانداس جي پيدائش 20 ڊسمبر 1942ع تي ضعلي لاڙڪاڻي تعلقي نصير آباد ۾ ٿي، ۽ 23 فيبروري 2015ع ۾ هن فانيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. راڻا ڀگوانداس ڪراچيءَ ۾ هڪ پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل هيو. پرائمري تعليم نصيرآباد مان حاصل ڪئي. ۽ باقي تعليم ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. راڻا ڀگوانداس هندو برادري سان تعلق رکندو هو، پر کيس اسلامي تعليمات تي به ڪافي عبور حاصل هيو ۽ اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ماسٽرز جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون. راڻا صاحب رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي لاء تمام خوبصورت نعتون پڻ لکيون. هُن 1965ع ۾ وڪيلن جو چيمبر جوائن ڪيو ۽ ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ وڪالت ۾ چڱو نالو پيدا ڪيو. 1967ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ پبلڪ سروس ڪميش جي مقابلي جو امتحان ڏئي سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ طور جوڊيشري ۾ شامل ٿيو، محنت، ايمانداري ۽ قانون جي شعبي کي ۽ جج جي منصب کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪيائين. ۽ وقت ۽ سينارٽيءَ تي کيس پهريائين ايڊيشنل سيشن جج ۽ بعد ۾ سيشن جج ڪري رکيو ويو. سندس قانوني ڄاڻ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي ڪري کيس چار سال اينٽي ڪرپشن جو سکر ۾ جج ڪري رکيو ويو. جون 1994ع ۾ سيشن جج جي عهدي تي هوندي، سندس سينارٽي ايمانداري ۽ اقليتن جي ڪميونٽي ۾ هئڻ ڪري محترمه بينظير ڀٽو کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو. 2000ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ڪري مقرر ڪيو ويو.جوڊيشنريءَ ۽ انتطاميه جي ڪشمڪش ۾ اپريل 2007 کان جولاءِ 2007تائين پاڪستان جو وقتي چيف جج ٿي رهيو، ان کان علاوه گهرجي سربراهه جي حيثيت ۽ سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو نيشنل بئنڪ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هيو، راڻا صاحب فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين پڻ رهيو، جيڪو عهدو صحيح ۽ سٺي نموني ۾ هلائي ميرٽ ۽ ڪوٽا وائز ماڻهو چونڊ ڪري حڪومت کي مقرريءَلاءِ ڏنائين سڀ کان وڏي ڳالهه ته راڻا صاحب جي ايمانداري ۽ غير جانبداريءَ کي نظر ۾ رکندي، سڀني جماعتن جن ۾ حڪومت ۽ مخالف پارٽيون به شامل هيون. ان جو مقصد اهو ته چيئرمين يا ميمبر پنهنجو عهدو ايمانداري ۽ بي رعائيءَ سان پورو ڪن ۽ مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي نوڪري حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن ڏي نه واجھايائين ته جيئن طريقي ڪار صاف ۽ شفاف ٿئي ۽ ڪنهن به لالچ ۽ غرض جي ڪري ماڻهو غلط نه چونڊجن. راڻا صاحب ايماندار، بهادر، خدا جي ذات ۽ ڀروسي رکڻ وارو انسان هيو ۽ هن بحيثيت جج جي ۽ دوست ۽ پاڙيسريءَ هجڻ جي حيثيت ۾ سٺا قابل تعريف ڪم ڪيا ۽ پوئتي پير نه ڪيائون. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، انهن کي به اعليٰ تعليم ڏياريائين. سندس ٻئي فرزند آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهائش پذير ٿي ويا.