Ranbir and Deepika’s film Tamasha first look

Ranbir Kapoor and Deepika Padukone’s new film Tamasha first look was revealed. Ranbir Kapoor and Deepika Padukone will be seen together in director Imtiaz Ali’s film Tamasha and both actors appear on the French beach Island of Corsica. Ranbir and Deepika were appeared together in blockbuster movie Yeh Jawani Yeh Deewani in 2013. Some pictures have been released on official Twitter account of Tamasha that scenes are filmed in the French Island. These pictures have enhanced the thrill of watching the movie for fans. Lollywood actor Javaid Shaikh is also playing character in this film and it will be released on November 27 this year.


رنبير ۽ دپيڪا جي فلم تماشا جي پهرين جهلڪ

رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون جي نئي فلم تماشا جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي. ڊائريڪٽر امتياز علي جي فلم تماشا ۾ رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون هڪ دفعو ٻيهر گڏجي فلم ۾ نظر ايندا ۽ هن جي پهرين جهلڪ ۾ هي ٻئي فرنچ جزيري ڪورسيا جي ساحل وٽ گهمندي نظر اچن ٿا. هن فلم کان پهريون رنبير ۽ دپيڪا 2013 جي سپرهٽ فلم يه جواني يه ديواني ۾ گڏ نظر آيا هيا. فلم تماشا جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪجھ تصويرون جاري ڪيون ويون آهن جيڪي فرنچ جزيري ۾ فلمايل منظر جون آهن. انهن تصويرن پرستارن جي اندر تماشا کي ڏسڻ جي تڙپ کي وڌائي ڇڏيو آهي. هن فلم ۾ لولي ووڊ اداڪار جاويد شيخ به ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي هلندڙ سال 27 نومبر جو ريليز ڪيو ويندو