شڪارپور جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رينجرز ۽ پوليس گڏجي دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جي الزام هيٺ سڀني مدرسن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پهرين ڏينهن ٽن مدرسن جرار پهوڙ شريف، محمودآباغ ۽ چڪ جي مدرسن ۾ آپريشن ڪيو ويو، مدرسن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا پڻ سيل ڪيا ويا. شڪارپور ۾ مجموعي طور 142 مدرسا آهن جن مان 40 اڻ رجسٽرڊ پڻ آهن، 8 هزار طالب مدرسن ۾ موجود رهن ٿا. شڪارپور ۾ مدرسن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. غير رجسٽرڊ مدرسن خلاف ڪاروائي ٿيندي: ڊي ايس پي سٽي شڪارپور ٻئي طرف جي يو آءِ 26 فيبروري تي مدرسن خلاف آپريشن تي لکي کان سکر تائين ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهياگر پاڻ کي صاف سٿرو سمجهو ٿا ته ڊڄو ڇو ٿا آپريشن کان ؟ صرف چيڪنگ ئي ته ٿيندي، آپريشن جي مخالفت دهشتگردي جي حمايت هوندي ويلڊن پوليس ۽ رينجرز، سنڌ هن بهترين قدم تي اوهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ ساٿ ڏيندي!