Sadiq Faqir died in Accident in Saudi Arabia

صادق فقير 26 فيبروريءَ 2015 تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي، صادق فقير سنڌ جو مشهور صوفي راڳي هو سندس پيءَ جو نالو فيض محمد مڱڻهار هو. هو 20 مارچ 1964 ۾ ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. صادق فقير ايم اي پڙهيل هيو. 1992 ۾ شادي ڪيائين موسيقي جو استاد حسين بخش فقير سندس مامو هو. صادق فقير ڪاليج جي دور کان ئي سٺي آواز جو مالڪ هو. هو ڪاليج ۾ به ڳائيندو هو. جنهنجي ڳايل گيتن تي ڪيئي ماڻهو عاشق هئا. صادق فقير لاءِ هر صوفي راڳي، ۽ سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي اک آلي آهي. صادق فقير جو هڪ مشهور گانو توکان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري. صادق فقير هڪ صوفي راڳي هو. صادق فقير کي گهڻائي ايوارڊ به مليا. صادق فقير سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو