پاڪستان ۾هونئن ته گهڻا ئي ريلوي اسٽيشن آهن، جنهن مان ڪجهه اڄ ڪلهه بند آهن. جنهن مان سنڌ جي هڪ شهر سڪرنڊ ۾ به هڪ ريلوي اسٽيشن آهي. سڪرنڊ شهر جي اسٽيشن مان آخري ٽرين اڄ کان 24 سال اڳ گذري هئي، پر بلڊنگ اڄ به صحيح حالت ۾ آهي جيڪا شهر جي لوڪل ماڻهن جي گڏجاڻي جي لاءِ ڪم اچي رهي آهي، پر بر صغير ۾ به ٻين ريلوي عمارتن جي مقابلي ۾ هي اسٽيشن اڄ به سٺيءَ حالت ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي. هن ريلوي اسٽيشن جي عمارت کي ڏسي ڪري تاريخ ياد ايندي آهي ته هن اسٽيشن تان به ريل (ٽرين) جو گذر ٿيندو هو، جڏهن ڪراچي کان نوابشاهه ڏانهن وڃڻ ٿيو ته مون فيصلو ڪيو ته سڪرنڊ به ڏسجي، جڏهن سڪرنڊ شهر جي گلين ۾ پهتس ته اتي جي تقريبن ڀِتَن تي ٽيلي ڪام جي اشتهارن ڏي ڌيان ويو، سڪرنڊ اسٽيشن شهر جي خاموش جڳهن مان هڪ جڳهه آهي اسٽيشن جون ديوارن پوسٽر / اشتهار ۽ سياسي رهنمائن جي نعرن سان ڀريل هيون جڏهن مان اسٽيشن جي حدود ۾ داخل ٿيس ته مون پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي رش ۾ وچ ۾ ڏٺو ان ۾ اندر ڪافي گوڙ هيو ۽ اسٽيشن ۾ اندر ڃڻ هڪ ننڍي موبائيل فون جي مارڪيٽ هئي ۽ ان حقيقت جي ياد تازي ٿي ته اهڙيءَ طرح موبائيل فون اسان جي تمام گهڻي سهولت جو باعث بڻيو آهي جنهن سان اسان ٻاهر جي مارڪيٽ جي خبر، دوستن، مٽن مائٽن سان رابطو رکي سگهون ٿا. ريلوي اسٽيشن تي ريل جون پٽڙيون موجود هيون ۽ عمارت جي اندر ماڻهن جا مختلف مجموعه هيا جيڪي سيءُ کان ڏڪي رهيا هئا ۽ اسٽيشن جي عمارت جي سامهون پٽڙين تي مينهون (جانور) سج جي روشنيءَ ۾ آرام ڪري رهيون هيون ۽ ماڻهو عمارت جي چوڌاري هلي رهيا هئا هڪ سنوڪر (راند) جي پول ٽيبل تي ٻار راند کيڏڻ ۾ مصروف هئا جيڪو هڪ گودام ۾ رکيو ويو آهي. هڪ بلب ڇت تي موجود هو ۽ ڪجهه پراڻا ڪلينڊر ديوارن تي ٽنگيل مليا، ماضيءَ ۾ سڪرنڊ ريلوي اسٽيشن ملڪ جي باقي حصن سان گڏ ڀٽ شاهه، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن جي لاءِ منسلڪ ڪئي وئي هئي هي اسٽيشن 1936 ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ هي اسٽيشن هڪ مصروف ترين اسٽيشنن مان هڪ اسٽيشن هو، ۽ ماڻهن جي لاءِ 1991 جي حڪومت ۾ شروع ٿي، ۽ هن جي بند ٿيڻ جي وجهه جڏهن پُڇي سين ته خبر پئي ته گهٽ آمدني جي وجهه هئي ۽ اميد آهي ته هڪ ڏينهن هي اسٽيشن وري هلڻ شروع ٿيندو