Samsung brings new amazing feature in mobile

Smartphone charging needs have always worried to the users but Samsung prepare a new battery not only to solve the problems but also giving tough time to the competitor companies like Apple, LG, and HTC. Samsung’s experts are working on new technology of battery that will run a week easily by simply charging it once and during this, the smartphone is also possible to use generously. According to the report next generation battery will be made by a new kind of material that is known by graphene coated silicon. New material can store more energy than existing graphite cathode power cell and its size will not bigger than existing battery. According to the technology analysts the best quality batteries will also be used in Samsung’s S6 and S6 edge but it will start using new battery during next two years it will make the Samsung’s Smartphone better as compare to other companies.


سمارٽ فون جو حيرت ڪندڙ فيچر

سمارٽ فون جي بيٽري چارج ڪرڻ جي ضرورت استعمال ڪندڙن کي هميشه پريشان ڪندي آهي پر سام سنگ ڪمپني هڪ نئي قسم جي بيٽري تيار ڪري نه صرف هن مسئلي کي حل ڪرڻ واري آهي پر پنهنجي مخالف ڪمپنين ايپل، ايل جي ۽ ايچ ٽي سي جي لاءِ به وڏو مسئلو پيدا ڪرڻ واري آهي. سام سنگ جي ماهرين نئي ٽيڪنالوجي واري بيٽري تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا هڪ دفعو چارج ڪرڻ سان پورو هفتو آرام سان هلي ويندي ۽ ان جي دوران سمارٽ فون جو خواب دل کولي ڪري استعمال به ممڪن هوندو. هڪ رپورٽ جي مطابق نيڪسٽ جنريشن بيٽري کي هڪ نئي قسم جي مادي سان ٺاهيو ويندو جنهن کي گريفين ڪوٽڊ سليڪون چيو ويندو آهي. نئون مٽيريل موجوده گريفائيٽ ڪيٿوڊ پاور سيل جي نسبت وڌيڪ توانائي ذخيرو ڪري سگهي ٿو ۽ هن سان بيٽري جو سائيز به موجوده بيٽري کان وڌيڪ نه هوندو. ٽيڪنالوجي تجزيه ڪارن جي مطابق سام سنگ کي ايس 6 ۽ ايس 6 ايج فونز ۾ به بهترين ڪوالٽي جي بيٽري استعمال ڪئي ويندي پر ايندڙ ٻن سالن جي دوران نئي بيٽري جو استعمال شروع ٿي ويندو جيڪو سام سنگ فونز کي ٻين ڪمپنين جي مقابلي ۾ بهترين ٺاهي ڇڏيندو.