Saudi Arabian stopped to issue permits for foreign investors

Saudi Arabian general investment authority (SAGIA) has closed the permits to foreigners who invest in the gold jewellery business. It has been decided that already issued permits will not be extended. It has been settled that the permission should not be given to foreigners to invest in the gold business and which permits have been issued so for, they should be cancelled after completing legal term. According to magazine, the SAGIA’s new leader has decided to implement new policies for foreign investors in the field of gold and precious stone. He has issued a directions of new policies to the SAGIA’s concerned authorities.


 

سعودي عرب ۾ سون جي زيورن جي ڪاروبار ۾ سرمايا ڪاري ڪرڻ وارن کي اجازت نامو ملڻ بند

جده:سعودي عرب جي سرماياڪار اٿارٽي (ساجیا) سون جي زيورن جي ڪاروبار ۾ سرمايو لڳائڻ وارن غير ملڪين کي اجازت نامو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته پھريون کان اجازت نامو جاري ڪرڻ وارن جي توسيع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. طئي ڪيو ويو آھي ته غير ملڪين کي اجازت ناما نه ڏنا وڃن ۽ اڃان تائين جيڪي اجازت ناما جاري ڪيا ويا آھن انھن جي قانوني مدت مڪمل ٿيڻ بعد منسوخ ڪيو وڃي. جریدہ المدینہ جي مطابق ساجيا جي نئين سربراھ سون ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ غير ملڪي سرمايا ڪارن کي  اجازت نامن جي  اجراء جو نئون طریقا ڪار متعین ڪرڻ جو عزم ظاھر ڪيو آھي. انھن ساجیا جي متعلقہ عھدیدارن کي نئون طريقا ڪار جاري ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي آھي.